بدين (رپورٽر )  بدين ڀرسان ايڪسائيز پوليس ڪارروائي ڪري ھڪ ويگو گاڏي مان اڌ مڻ چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ٻه جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. ان ڏس ۾ تفصيل موجب ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول پوليس بدين ڳجهو اطلاع ملڻ تي ماتلي ڀرسان زرداري روڊ تي پير واھ اسٽاپ وٽ هڪ ويگو گاڏي کي روڪيو ۽ تلاشي ورتي ته ان مان 20 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو ۽ ٻن جوابدارن فدا پٽ ابراهيم ۽ ظهير عباس پٽ غلام عباس کي گرفتار ڪري ورتو، جن خلاف ماتلي سرڪل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري کين جوڊيشل ريمانڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل بدين روانو ڪيو ويو آهي،

 

بيڪ