لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) مديجي ڀرسان سکر کان دوائون کڻي لاڙڪاڻي ايندڙ سکر شهر جي شمس آباد واسي مزدا ڊرائيور محمد اسحاق بروهي کي مبينا طور نامعلوم ڪار سوارن روڪي کائنس دوائن سان ڀريل مزدا ڦر ڪرڻ بعد کيس باقراڻي ٿاڻي جي حد مڏ فريدآباد واري علائقي ۾ بيھوشي واري حالت ۾ مزدا سميت ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جنهن کي باقراڻي پوليس کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي کيس طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو. ان موقعي تي مزدا ڊرائيور محمد اسحاق بروهي ٻڌايو ته آءُ سکر کان لاڙڪاڻي مزدا ۾ دوائون کڻي پئي آيس ته مديجي ڀرسان ڪار ۾ سوار پوليس اهلڪارن منهنجو رستو روڪي مون کان دوائن سان ڀريل مزدا ڦر ڪرڻ بعد بيهوش ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ پوليس مون کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. ان حوالي سان باقراڻي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڊرائيور اسحاق بروهي کي اسان بيھوشي واري حالت ۾ هٿ ڪري اسپتال داخل ڪرايو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مزدا جي مالڪ شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ڊرائيور ڪوڙو ڊرامو رچايو آهي جنهن کان پوءِ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي ويندو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مديجي پوليس اهڙي واقعي کان مڪمل طور لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.