اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون مرحليوار منظور ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته 11 ميمبرن جون استعيفائون اسپيڪر تسلي ڪري منظور ڪيون هونديون، ان جي اطمينان کي عدالت ۾ چيلنج نٿو ڪري سگهجي، چيف جسٽس چيو ته ڇا ڊي نوٽيفاءِ ٿيڻ تائين عوام جي نمائندگي ڪرڻ مستعفي ٿيل ميمبرن جي ذميواري نه هئي؟ چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجو مائينڊ سيٽ تبديل ڪري، پارليامينٽ کي عزت ڏئي، استعيفا ڏيندڙ هر ميمبر انفرادي طور اسپيڪر سامهون پيش ٿي تصديق ڪري. چيف جسٽس چيو ته سڀني کي پارليامينٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي، عدالت اسپيڪر قومي اسيمبلي کي حڪم جاري نه ڪندي. پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته 123 مان صرف 11 ميمبرن کي ڪڍڻ جو ڪهڙو جواز ٺهي ٿو، موجوه اسپيڪر اسان جي ڳالهه ڪڏهن ناهي ٻڌي. پي ٽي آءِ جي وڪيل ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي. اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف جي وڪيل عرفان قادر چيو ته هڪ ئي شخص 9 سيٽن تان اليڪشن وڙهي رهيو آهي، وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اهو پي ٽي آءِ جو فيصلو آهي ته ڪير ڪٿان چونڊ وڙهندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ دور جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي 123 اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.