اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته آرمي چيف مقرري تي سياسي ٽاڪوڙو متل آهي، فرد ادارن کان وڏا نه هجڻ گهرجن، معيشت تباهه ٿي وئي آهي، دهشتگردي وڌي وئي آهي، حڪمران نيرو وانگر بانسري وڄائڻ ۾ مصروف آهن، ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جي مامري تي ائين لڳي ٿو ته هڪ سياسي ٽاڪوڙو متل آهي، هر قسم جا اندازا لڳايا پيا وڃن، ڪاروبار ۽ حڪومت منجمند آهن، ڇا 22 ڪروڙ آبادي جي ايٽمي طاقت واري ملڪ جون اهي حالتون هجڻ گهرجن؟ هن چيو ته  وقت اچي ويو ته هن پوري نظام جي اصلاح ڪئي وڃي. اسد عمر چيو ته ماڻهن جي خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ اهڙي ملڪ جي ضرورت آهي جيڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري، ڪنهن جي تابع نه هجي، هڪ اهڙو ملڪ جنهن ۾ سموري طاقت ان جي شهرين وٽ هجي، هڪ اهڙو ملڪ گهرجي جنهن ۾ فرد ادارن کان وڏا نه هوندا آهن ۽ ادارا قوم کان وڏا نه هوندا آهن، هوڏانهن پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري چيو آهي ته آپريشن رجيم چينج جي نتيجي ۾ 7 مهينن جي عرصي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 52 سيڪڙو اضافو ٿيو، قبائلي علائقن ۾ جتي وڌيڪ فوڪس ڪرڻو هو انهن جا وفاقي حڪومت فنڊ ئي روڪي ڇڏيا، حڪمران نيرو وانگر بانسري وڄائڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته تباهه حال معيشت ۽ گورننس هن ملڪ ۾ نئين تباهي آڻي رهي آهي.