ڪراچي  (م ڊ) پلڊاٽ جي سربراهه احمد بلال محبوب چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان وزارت عظميٰ دوران مليل 105 ملين رپين جا تحفا 38 ملين ڏئي پاڻ وٽ رکيا، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ احمد بلال چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ توشا خانه جي تحفن جي فهرست مطابق عمران خان کي 160 تحفا مليا، جڏهن ته توشا خانه جي فهرست مطابق عمران کي 3 سالن دوران 148 تحفا مليا، عمران خان 55 تحفا مفت ۽ 53 تحفا 37.9 ملين رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيا، پلڊاٽ سربراهه چيو ته عمران خان پاران کنيل ڪل تحفن جي ماليت 104.78 ملين رپيا آهي، جڏهن ته حڪومت کي ادا ڪيل رقم لڳايل ڪاٿي واري قيمت جو 27 سيڪڙو آهي.