لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 26 نومبر تي سڀني کي سرپرائز ملندو، لانگ مارچ اسلام آباد کان راولپنڊي ڇو وڃي رهيو آهي، حڪمت عملي جلد سامهون اچي ويندي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون کي انهن جي پلاننگ جي خبر آهي پر آئون اڳتي جي پلاننگ ڪري رهيو آهيان، جنهن کي به آرمي چيف لڳايو مون کي مسئلو ناهي، آئون آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي چاهيان  ٿو، هن چيو ته حڪومت هاڻي ٻنهي پاسن کان ڦاسي پئي آهي، جيڪڏهن چونڊون ڪرائي ٿي ته عوام کين موٽ نه ڏيندو ۽ جيڪڏهن چونڊون نٿي ڪرائي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جلد کان جلد صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين، ملڪي مسئلن جو حل رڳو نين چونڊن ۾ آهي. عمران خان دعويٰ ڪئي ته مون کي صدر عارف علوي ذريعي پيغام موڪليا ويا آهن پر منهنجو هڪ ئي مطالبو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيو، ان کانپوءِ سموري ڳالهه ٻولهه ٿيندي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته منهنجي زندگي کي خطرو آهي، مون تي ٻيهر به حملو ٿي سگهي  ٿو پر سمورن خطرن باوجود راولپنڊي پهچندس، لانگ مارچ اسلام آباد کان راولپنڊي ڇو وڃي رهيو آهي،  حڪمت عملي جلد سامهون اچي ويندي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مونکي خبر آهي ته منهنجا زخم جلدي ٺيڪ نه ٿيندا پر زخمي ڄنگهه سان گڏ لانگ مارچ جي قيادت ڪندس. هن چيو ته صحافي ارشد شريف جي قاتلن کي ڪيفرڪردار تائين پهچايو ويندو.