اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته سمري اچي يا نه اچي، آرمي چيف جي مقرري ٻن ڌينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اميد ته ادارو نيوٽرل رهڻ واري فيصلي تي قائم رهندو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو شروع ٿي ويو آهي،  هڪ ٻن ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو، هڪ سوال تي گهرو وزير چيو ته  وزيراعظم هائوس سمري طلب ڪئي آهي  ۽ دفاع وزارت کي موڪلي آهي، منهنجي خيال ۾ سمري 22  يا 23 نومبر تائين سمري اچي ويندي،  آئون نه ٿو سمجهان ته سمري نه اچڻ جو ڪو سبب هوندو، سمري به ايندي ۽ هڪ نالو اتفاق راءِ سان فائنل به ٿيندو.   رانا ثناءُ الله چيو ته 18 تاريخ تي جيڪا ڳالهه ٿي رهي هئي، ان جو هڪ ئي سبب هو ته 18 تاريخ تي هڪ آفيسر کي رٽائر ٿيڻو هو، روايت آهي ته مقرري جو نوٽيفڪيشن رٽائرمينٽ کان 2، 3 ڏينهن اڳ ٿيندو آهي، مقرري تي سڀني جو ڌيان هجڻ جا ڪجهه سبب آهن، هن چيو ته اميد آهي ته ادارو نيوٽرل رهڻ واري فيصلي تي قائم رهندو ، هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ هاڻ مارچ ناهي رهيو، هو هاڻ اجتماع ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو آرمي چيف جي مقرري تي ڪنهن به ريت اثرانداز نه ٿيندو، عمران خان جو لانگ مارچ رڙهي رڙهي ختم ٿي ويو،