اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ملڪ واپس اچڻ کان اڳ پنهنجو علاج مڪمل ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن ڪري مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جي فوري وطن واپسي جا امڪان گهٽجي ويا آهن، ذريعن مطابق اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وطن واپس اچڻ کان اڳ شريانن جو علاج ڪرائڻ لاءِ آمريڪا ويندو، جنهن کان پوءِ ميان نواز شريف جو برطانيا ۾ به هڪ آپريشن ٿيندو، مڪمل علاج بعد نواز شريف ملڪ واپس اچڻ جي شيڊول کي حتمي صورت ڏيندو.