حيدرآباد(بيورو رپورٽ) آبپاشي کاتي سنڌ ۾ عدالتي حڪمن جي لتاڙ ڪندي انجنيئرن کي ٻيهر او پي ايس ۽ اضافي چارجن تي مقرر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سيڊا جي ڦليلي ڪئنال ڊويزن ۾ مقرر 18هين گريڊ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر نعيم اختر ميمڻ کي او پي ايس تي 19 هين گريڊ جي عهدي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. کيس ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي. 18 هين گريڊ جي  ايگزيڪيوٽو انجنيئر مڪينيڪل ٽيوب ويل ڊويزن خيرپور محمد حيات شيخ کي به سندس عهدي کان مٿاهين گريڊ جي عهدي جي چارج سان نوازيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق محمد حيات شيخ کي 19هين گريڊ جي ايس اي / پي ڊي اسڪارپ خيرپور جي چارج ڏني وئي آهي