راولپنڊي(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم جي مستقبل جو فيصلو 15 نومبر کان اڳ ٿي ويندو، اسحاق ڊار اهڙو ڇا ڪندو جيڪو مفتاح اسماعيل نه ڪري سگهيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جي جهاز ۾ ڀَڳوڙو مفرور 5 سالن کانپوءِ وزيراعظم سان گڏ اچي رهيو آهي، اها چوري ۽ سينا زوري آهي. هن چيو ته 12 ڪلاڪن ۾ 3 آڊيو ليڪس جو وقت اهم ۽ ڳڻتي جوڳو آهي.