ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه عالمي برادري کان بوڏ متاثرن لاءِ رڳو 10 هزار تنبو ملڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ جن ضلعن ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافي جو ذڪر ڪيو ويو آهي ان تي ڪا ڳڻتي ناهي، سنڌ عام  يا مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي، پاڻي جي پراڻن وهڪرن تان قبضا ختم ڪرائڻ ايترو آسان ناهي، پر هاڻ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. هيستائين رڳو 25 سيڪڙو ٻوڏ متاثرن تائين به نه پهچي سگهيا آهيون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، ڄامشوري، بدين ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي بدران اضافو ٿي رهيو آهي اها رپورٽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه نه آهي، جڏهن ڄامشوري ۽ ٻين ضلعن جو پاڻي نيڪال ٿيندو ته اها صورتحال نه رهندي. هن چيو ته  ٽنڊي الهيار ۾ پاڻي سانگهڙ، ميرپورخاص مان اچي پيو، اها به ڳڻتي جوڳي صورتحال نه آهي. هن چيو ته ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو ٻوڏ متاثر آهن. 24 ضلعا متاثر آهن. ان جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي. 15 لک خاندان ماڻهو متاثر ٿيا آهن، هن وقت تائين سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي، فوج، آرمي، 3 لک 26 هزار 225 تنبو ڏئي چڪا آهيون، 25 سيڪڙو ماڻهن تائين به نه پهتا آهيون ڇاڪاڻ ته تنبو آهن ئي ڪونه. هن چيو ته امداد ڪندڙ هر ملڪ جا ٿورائتا آهيون جن هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي. پر دنيا مان ڪل امداد 10 هزار 774 تنبو آيا آهن، جن مان 2364 تنبو سنڌ ۾ ورهايا ويا آهن، 146 ٽن راشن مليو آهي. 3 هزار ٿيلهن کان به گهٽ راشن مليو آهي. ان مقدار ۾ شيون نه پيون اچن جنهن جي اسان کي ۽ متاثرن کي اميد آهي، ايران، سعودي، چين، عرب امارات کي تنبو خريدڻ جو چيو پر نه ملي رهيا آهن. هن اعتراف ڪيو ته ٻوڏ متاٿرن ۾ ويندو آهيان ته ماڻهو پڇاڻو به ڪندا آهن ۽ رستو به روڪيندا آهن پر ان تي ڪاوڙ نه ايندي اٿم پر ان مان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. هن چيو صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ ميهڙ شهر کي بچاي، هو سپريو بند تي ويو هو اتي هن بند مضبوط ڪرڻ جو چيو پر سندس مخالف وڃي چيو ته توهان کي غيرت ناهي جو فياض ٻٽ کي ڇڏي ڏنو. ماڻهو اماڻي سندس گاڏي کي ٽوڙي کيس ڀڄايو ويو. پوليس ڪيس داخل ڪيو، مون پوليس کي به روڪيو ۽ ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪنهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي. انهن ماڻهن جو به احستاب ڪيو وڃي جيڪي هن وقت به سياست ڪري رهيا آهن، عمرڪوٽ ۾ ماڻهن جئي ڀٽو جا نعرا هنيا ڪيمپ مان نڪتس ته مخالفن عورتن کي ڏنڊا هٿ ۾ ڏئي نعرا هڻايا. پر اهو احساس اٿم ته ماڻهو خوش نه آهن. هن چيو ته گولاڙچي ۾ منور سامي جا 3 ٻار فوت ٿيا هئا کيس معاوضو ڏنو ويندو. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن مان ڦرون روڪڻ لاءِ  پوليس کي ٻيڙيون فراهم ڪيون آهن. ڪجهه ماڻهو پڪڙيا به آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙا اطلاع به ڏنا ويندا آهن هڪ هنڌ اطلاع تي ڪجهه ماڻهو گرفتار به ڪيا پر پوءِ پوليس کي خبر پئي ته اهڙو ڪو واقعو ٿيو ئي نه آهن. هن چيو ته جتي الزام لڳندو آهي ته طاقتور ماڻهو پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ واهن کي ڪٽ ڏئِي رهيا آهن ته اتي جاچ ٿيندي آهي پر ٻڌايو وڃي ته ڪنهن جي زمين بچي وئي آهي. پر هن برسات ۾ ڪو به ماڻهو پاڻ بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. عام طور تي 100 يا 125 ملي ميٽر برسات پوندي آهي، پر هن ڀيري ڏهوڻ تي وڌيڪ برسات ٿيو آهي. سنڌ ۾ ڏهن تربيلا ڊيمن جيترو پاڻي موجود آهي. برساتي پاڻي پاڻ رستو ٺاهيندو آهي برساتي نالن ۽ پراڻن وهڪرن تي سئو سوا سئو سالن ۾ ڳوٺ بڻيا ٻنيون ڪاهيون ويون، ماڻهو چون ٿا ته هاڻ پراڻا ڍورا بحال ڪريو اهو ايترو سولو ناهي پر هاڻ اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. پراڻ ڍوري جو گهارو بند ٿيندو ۽ وري لڙهندو رهندو آهي. آبپاشي وارن سٺو ڪم ڪندو آهي. هاڻ صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي. هن ملڪ ۾ چونڊن بابت چيو ته هن صورتحال ۾ ڪو ماڻهو چونڊن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪاوڙ ايندي آهي، ماڻهو مري رهيا آهن ۽ ان وقت اليڪشن جو سوچڻ به تڪليف ڏيندڙ آهي، عمران خان سڄي ٻوڏ ۾ سنڌ ۾ رڳو هڪ ڀيرو سکر ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ آيو، هن وقت ماڻهو چونڊن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهن. هن وقت اليڪشن ڪيئن ممڪن آهي مون کي اليڪش کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون بچائڻ جو فڪر آهي، هن وقت اليڪشن نه ٿي ٿي سگهي.  هن چيو ته سياري لاءِ اسان کي ماڻهن لاءِ ڪمبل کپن، جنهن جا آرڊر به ڪيا آهن، پاڻي نڪري ته ڪڻڪ پوکيون جيئن ماڻهو پيرن تي بيهي سگهن ماڻهن کي ٻج ڀاڻ جي مدد ڪرڻي آهي، ماڻهن کي سندن گهرن تائين پهچائينداسين، گهر ٺاهي ڏينداسين.