قاهره(م ڊ) مصر سان واسطو رکندڙ مشهور مسلمان عالم شيخ يوسف القرضاوي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 96 سال هئي ۽ هو ڪيترن ئي سالن کان قطر ۾ رهندڙ هو ۽ انٽرنيشنل يونين آف مسلم اسڪالرز ۽ اخوان المسلمين جو روحاني قائد به هو. هو الجزيره عربي تي شريعت ۽ زندگي پروگرام ڪندو هو جنهن ۾ سڄي دنيا جا مسلمان مذهبي حڪمن کي سمجهڻ، عالمي سياست ۽ دنياوي مسئلن تي کائنس سوال ڪندا هئا. هو مصر جي فوجي حڪمران عبدالفتح السيسي تي تنقيد به ڪندو رهيو هو.