دبئي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بابراعظم کان پهرين پوزيشن کسي ورتي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي. محمد رضوان جي پوائنٽس جو تعداد 815 ٿي ويو جڏهن ته بابراعظم 794 پوائنٽس سان ٻي پوزيشن تي اچي ويو. تازي رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي مارڪرم ڀارتي بيٽر سورياڪمار کان ٽئين پوزيشن کسي ورتي آهي جڏهن ته سوريا ڪمار ياديو چوٿين نمبر تي هليو ويو، انگلينڊ جو ڊيوڊ ملان پنجين نمبر تي موجود آهي. آسٽريليا جو ايرون فنچ ڇهين، آسٽريليا جو ڊيون ڪونوي ستين، سريلنڪا جو پاٿم نسانڪا اٺين، افغانستان جو محمد وسيم نائين ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ريزا هينڊرڪس ڏهين نمبر تي موجود آهن. اهڙي طرح بالنگ ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ سرفهرست آهي، ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي ٻئي، انگلينڊ جو عادل رشيد ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڪوبه پاڪستاني بالر ٽاپ ٽين ۾ شامل نه آهي. شاداب خان 14 هين ۽ شاهين شاهه آفريدي 15 هين نمبر تي موجود آهي. آل رائونڊرن ۾ افغانستان جو محمد نبي پهرين پوزيشن تي موجود آهي.