سوال/سروي … عوام کي هٿ سان ٻوڙايو ويو آهي ان جو رد عمل ته ايندو، پاڻي به پريشان آهي ته ڪٿي اچي ڦاٿو آهيان سمنڊ وڃڻ ٿو چاهيان حڪومت چوي ٿي ته شهر ٻوڙ: عوام جي راءِ

0
326

  روزاني پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج تي پڙهندڙن کان سوال ڪيو ويو ته حڪمران شهر بچائڻ يا ٻوڙائڻ لاءِ بندن جا دورا ڪن ٿا؟اسان شهر بچائڻ وڃون ٿا پر عوام سمجهي ٿو ٻوڙائڻ آيا آهن: وزيراعليٰ سنڌاسان مدد ڪرڻ وڃون ٿا پر عوام رستا روڪ ڪري رهيو آهي: وزير حڪمرانن جي قول ۽ فعل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ان جي جواب ۾ گلحسن شر لکيو ته لڳي ٿو ھاڻي عوام ۾ شعور اچي ويو آھي ھاڻي عوام پڇي ٿو ھاڻي ماڻھو وڏيون گاڏيون ڏسي ڪنفيوز نہ ٿا ٿين پر پڇن ٿا تہ اسان اوھان کي چونڊي موڪليو اوھان اسان لاء ڇا ڪيو آھي جيڪا پازيٽو ڳالھ آھي جيڪا وزير صاحبن کان ھضم نہ پئي ٿئي باقي ڪٽ ھٿ سان لڳايا ويا جنھن جون وڊيوز بہ موجود آھن. وحيد ڄامڙو لکيو ته  پيپلز پارٽي وارئو ٻڌايو ته متاثرن کي ڏنو ڇا آھي 15 ورھين کان سنڌ تي حڪومت ڪئي آھي عوام جا حق کاڌا آھن توھان ھنن جي ووٽ تي وزير بڻيا آھيو پر توھان ھنن جي ووٽ جو ڪھڙو حق ادا ڪيو آھي؟ ھينئر وقت اٿو پاڻ ملھائڻ جو آھي توھان پنھنجي بنگلن ۾ آرامي آھيو لکين ماڻھو بي گھر بڻيل آھن. بک ۽ بيمارين سبب مرن پيا ٻڌايو ته ڪھڙي انھن جي واھر ڪئي آھي؟ وري به ڏوھ متاثرن تي پيا ڏيو اي حڪمرانو ڪجھ شرم ڪيو بک تي سڀ کان پھريان ايمان لڙھندو آھي جنھن جا ٻچا بک تي ھوندا اھي ڪجھ به ڪري سگھن ٿا ھتي سريلنڪا جھڙيون حالتون ٿي سگھن ٿيون. مظهر علي شاهه لکيو ته من الله هنن کي مت ڏئي ته هو عوام جي ڪيئن مدد ڪن ته جيئن غريب ماڻهو هن مصيبت مان نڪري سگهن.ممتاز علي سميجو لکيو ته زبردست سوال آهي هاڻ اهو کين سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جو عوام اوهان جي ناڪام نااهل ڪرپٽ حڪمراني مان بيزار ٿي چڪو آهي توهان کي چونڊيو ناهي ويو اوهان زبردستي ٿاڦيل آهيو. غلام نبي بلوچ لکيو ته پاڻي به پريشان ٿي ويو آهي ته ڪھڙي حڪومت ۾ اچي ڦاٿو آهيان، آئون سمنڊ ڏي ٿو ڊوڙان حڪومت چوي ٿي نه شھرن کي ٻوڙ. شنڪر لعل چيو ته سنڌ حڪومت رڳو دورہ ڪري رھي آھي پر اڃا تائين ڪوبه شھر ۽ ڳوٺ بچائڻ ۾ ناڪام آهي تڏهن عوام ويچاري ھن ڪري رستا روڪ ۽ احتجاج ڪري رھي آھي. محمد حسن لکيو ته جيڪا حڪومت عملي هلي پي جڪي شهر پچيا انهن کي هنن هٿ سان ٻوڙيو وڃي ٿو. مائهو سمجي ويا آهن امداد جا علان ٿيا آهن ڪنهن کي به ڪجه ڪونه مليو آهي اڃا پرائيويٽ ادرا ڪم ڪن پيا اسان جي سنڌ سرڪارا رڳو دورا ڪڻ ۾ پوري آهي غريبن جو الله کان سوا ڪو سهارو ڪونهي. عارب بچواڻي لکيو ته ھي حڪمران صرف ٻاهرين ملڪن کان امداد جي چڪرن ۾ اسان سنڌين کي ٻوڙي رهيا آهن اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي امداد نه کپي پر اھا تعقيق کپي ته اسان ٻڏون ڇو تا؟ علي اڪبر چنڙ لکيو ته ھي تماشو ڏسڻ ويندا آهن ۽ ٻيو ته دنيا کي ٻڌائجي ته اسان پنهنجو صوبو ڪيئن ٻوڙيو آهي ۽ ٽيون پنڻ لاء فوٽوگرافي ڪندا آهن چوٿون ته جيڪا پن ملندي انهيَ کي ڪيئن کيسن ۾ اڻجي؟ اڄ تائين ڪنهن ڪرتا ڌراتا جو ڪو پٽ يا ڌي انهيَ برساتي ٻوڏ جي نظر ٿيو آهي؟ حاجي منير مشوري لکيو ته پ پ وارن 2007 کان 2022 تائين يزيدي ڪردار سنڌ جي ماڻهن سان نڀايو آهي. پرويز علي خاصخيلي چيو ته بلڪل شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙائڻ ۾ انهن جو ئي فائدو آهي اسان سنڌي غلام جو آهيون. مجاهد مهر لکيو ته سنڌين جو اعتماد اوهان وڃائي چڪا آهيو. توهان جي نيت ۽ ارادن ۽ ڪم ۽ ڪردار کي شڪ جي نگاه سان ڏسن ٿا ان ڪري بهتر آهي ته سنڌي قوم کي وڌيڪ امتحان ۽ آزمائش کان بچائڻ خاطر توهان حڪومت مان هٿ ڪڍي وڃو توهان جي قول ۽ فعل ۾ وڏو تضاد آهي. زاهد گل مجيداڻو لکيو ته ھي غريبن جي لاچاري بي وسي ڏسڻ ويندا آھن. باقي ھنن کي غريبن جو ڪو الڪو ناهي اگر غريبن جو الڪو ھجين ھا ته پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي واھر ڪن ھا. شاهد حسين ڏاهري ڀريا شهر مان لکيو ته اسان جي علائقي ۾ حڪومت جي ڪا به سرگرمي ناهي، وزير ۽ ايم پي اي پنهنجا گهر بچائي رهيا آهن ۽ عوام کي لوڙهي رهيا آهن. محمد حسين لکيو ته سنڌ سرڪار هٿ سان شهر تباه ڪري پئي جيڪا امدادا ٻاهر کان اچي پئي خبر ڪونهي ڪٿي خرچ ٿئي پئي رڳو مائهن کي آسرا پيا ملن عوام ويچارو رستا پيو ڏسي ته ڪٿان ٿي امداد اچي. غلام نبي بلوچ لکيو ته ويھ سال مسلسل مال هڙپ ڪرڻ واري کي گاريون ڏيڻ نامناسب آهي، شهرين کي گهرجي ته ان کي مزيد مال ٺاهڻ ڏين ۽ ان جا تعريفي قصيدا پڙهندا رهن.سردار زئونر لکيو ته پاڻي قدرتي آفت آهي الله خير ڪندو حڪمرانن کي غلط لفظ نه ڳالهايو انهن جي حوصلا افزائي ڪريو خير ٿي ويندو. مولائي اسد ماڇي لکيو ته وزيرن جا ڪم ئي ناھن ٿيل ته رستا روڪ ته ٿيندي نه. پرويز علي لکيو ته اسان جي تڪ جو ايم پي اي ھن محل تائين ڪراچي کان تڪ پي ايس 34 ۾ نه آيو آهي. نادر علي اچڻ لکيو ته اسان ڏي صرف چڪر لڳائن ٿا باقي امدا جو ٺپ آسرو ئي ناھي. عباس ٻرڙو لکيو ته غريب عوام کين پنهنجو سجڻ نٿو سمجهي هنن هميشه عوام کي بيوقوف بنائي مال ميڙيو آھي. سجاد شاهه لکيو ته 14 سالن ۾ هنن ڇا ڪيو آهي؟ لجپت راءِ دارجي لکيو ته حڪمرانن جي قول ۽ فعل ۾ فرق آ۔۔باقي رھي رستا روڪ جي ڳالھ ته ھاڻ سنڌي قوم انھن مان بيزار ٿي وئي آ۔ مڪيش ڀوراني لکيو ته عوام کي ھٿرادو ٻوڙيو اٿن ھاڻي عوام رستا روڪ نـ ڪري ته ڇا گلن سان آجيان ڪري؟ عوام کي گھرجي ته ھن وقت کي ياد ڪندي اليڪشن وقت بدلو وٺن. بلاول نثار ٻرڙو لکيو ته هٿ سان ٻوڙائي فوٽو سيشن لاءِ ويندا آهن. فريد احمد لکيو ته توهان جي رستا روڪ ئي واحد حل آ. نارائڻ سنڌي لکيو ته هنن جون حرڪتون عوام سمجهي چڪو آهي، هاڻي سنڌي عوام کي پڪ ٿي چڪي آهي ته هي حڪمران امداد جي آسري رهيل شهر به ٻوڙيندا،جيسين امداد ملندي رهندي واهن کي ڪٽ ڏيندا رهندا. لعل جان ميرل ملاح لکيو ته جٿي وڃي ٿو ٻي ڏينهن اهو علائقو سڄو ٻڏيو وڃي. اڃا به اسان ڪهڙو اڇو منهن ڪريون هٿ سان ٿو ٻوڙائي ٻيو ڇا؟ مير آصف ٽالپر لکيو ته عوام جو ھنن تان اعتبار کڄي چڪو آھي سنڌ کي نقصان ڏيڻ م ھنن ڪو موقعو ڪونه وڃايو آھي. لاڙڪاڻي مان نادر ابڙو لکيو ته حڪمرانن جي قول فعل ۾ رات ڏينهن جو فرق آھي حڪومتي نمائنده ڪروڙن جي گاڏين تي چڙھي متاثر ماڻھن وٽ پهچن ٿا پر انهن کي ڏيڻ لاء ڪاشي نه جنهن ڪري انهن جي رستا روڪ ٿئي ٿي. سيلرو عرفان لکيو ته عوام سان هميشه فريب ۽ ڌوڪي بازي ڪئي وئي آهي تڏهن عوام حڪمرانن تي اعتبار ڪرڻ لاء تيار ڪونهي. محمد حنيف ليکوته سنڌي قوم کي هاڻ خبر پئجي وئي آهي ته اسان جي ووٽن جو حڪمرانن وٽ ڪيترو قدر آهي؟ بس وقت اچڻ تي درست فيصلو ڪري نه تباهي سنڌ جو مقدر هوندي. برڪت علي لکيو ته بلڪل ٻوڙائي چڪا آهن باقي ڏسن ٿا ته سنڌ جي ڪهڙي ٽڪري بچيل آ ۔ ڀلا ٻڌايو ت اڃا تائين هنن ڪهڙو عوام کي رليف ڏنو آ سواء دردن، رسوائي، بک، بدحالي جي، صفا زندگي مفلوج ڪري ڇڏي اٿن۔ بس سنڌ سدائين سورن ۾. ايم عيسيٰ لنڊ چيو ته ٻن قولن مان هڪ قول عوام سچو آهي هي چون ٿا اسان شھر بچايون ٿا اهو ڪوڙ آهي. انهي ۾ عوام سچو آهي باقي ٻيو ته اسان عوام وٽ وڃون ٿا ته عوام رستا روڪ ڪري ٿو انهي ڳاله ۾ حڪومت سچ پئي ڳالهائي ڇو ته اهو عمل عوام بلڪل ڪري پيو انهي جي ڪري ته هو خالي هٿ وڃن ٿا. حسين ٽانوري لکيو ته سڀ حڪمران ڪوڙا رڳو ٽوپي ڊرامو آهي مونکي افسوس ته انھي ڳالھ جو آ، ٽالپروڏا شھر سڄو ٻڏي ويو آ ڪو به اتي چونڊيل نمائندو ھينئر ته نه لڙي آيو آ ۽ نه ئي ھٿرادو ڪٽ بند ڪرايا اٿن. آزاد عبدالقدوس بلوچ لکيو ته حڪومت ڪوششون وٺي رهي آهي پر عوام مخالفن جي چوڻ تي ڪم ڪرڻ نه ٿي ڏي. اسان وٽ حڪومت جي طرفان ارباب لطف الله ڏينهن رات محنت ڪري بھترين ڪم ڪيو آهي . نجاوت خان مغيري لکيو ته ھي ھن تباھي جا ذميوار آھن ھٿ سان سڃي سنڌ تباھ ڪئي اٿن فنڊ کائڻ لا۽ شال غريبن جي گھرن ۽ ٻچن جيان ھنن جاگھر۽ ٻچا لڙھن. وارهه مان اويس احمد لکيو ته تڪ جا چونڍيل نمائندا دبئي وڃي ڪري عيش وعشرت ڪري رهيا آهن ۽ تڪ ۽ اسين ٻڏي رهيا آهيون. شهر جا رهاڪو پنهنجي مدد پاڻ تحت سمن جا گهارا بند ڪري رهيا آهن۔ افسوس جو هر چونڍيل نمائندو ڪرپٽ ۽ راشي آهي هن مصيبت جي گهڙي ۾ به سڀ نمائندا لالچ جي گهيري ۾ آهن. منور علي زئور لکيو ته هر پاسان پ پ ڪرپٽ وڏيرن جون ٻنيون بچائڻ لاء عوام کي ٻوڙي رهي آھي شھرن جا شھر ٻڏي ويا پر انهن پيپلن کي احسان نه ٿيو۔ مير مرتضيٰ بلوچ چيو ته بلڪل حڪمرانن جي ڳالھ صحيح آھي جڏھن حڪمران مسئلا ٻڌڻ لاء وٽن وڃن ٿا ته عوام انھن حڪمرانن کي مسئلا ٻڌائڻ بجاء انھن جا رستا روڪ ڪري بي صبري جو مظاھرو ڪري انھن کي خوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.. ڇا اڃا عوام صحيح آھي ؟؟ غلام رضا بجير لکيو ته ڇاڪاڻ ته ھاڻ اوھان تي عوام جو ويساھ نه رھيو آهي اوھان جيڪڏهن عوام سان وساھ گھاتيون نه ڪريو ها ته اڄ اوھان جي چڱي ڀلي عزت به ھجي ها ۽ عوام جو اوھان تي ڀروسو به ھجي ها. عبدالعزيز بلوچ لکيو ته بس عوام جی نه اڳ هلڻ آ نه پوئتي، ڇو جو جيڪڏهن عوام کي ڪابه فيسلٽي نٿي ملي تڏهن به گهوڙا فشري جيڪڏهن ڪوبه نمائندو ڏيڻ وڃي ته چون ٿا رات جو چورن وانگي آيا آھيو ۽ چون ٿا ته پنهنجا نوازي سو ڏيڻ واري جي دل ئي ٽٽيو پوي۔ محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر جا ٻوڙائڻ لا۽ بندن جا دورا ڪونه ڪيا آهن، غريب روڊ رستا بند ان جو حق آهي ڇو جو ان کي مداد ڪونه ٿي ملي 25 هزار مان 1000 ڪٽوٽي ڪن ٿا ڊوائيس وارا ڇو؟ ساگر علي رضا چيو ته پيپلزپارٽي هميشه هر مسئلي تي سياست ڪئي آهي هنن حڪمرانن تي ڀروسو عوام ڪري به نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته اهي وڏا لٽيرا آهن، امداد جي چڪر ۾ غريبن سان دوکو به ڪري سگهن ٿا. آفتاب حسين لکيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ ته اهڙن ناڪاره وزيرن کا سکجي. شعيب قريشي لکيو ته اهو ته ٻڌايو ته سائين اسان کي ٻوڙيو ڇو ٿئو. ڪامران علي رند لکيو ته اهي عوام کي ٻوڙڻ چاهين ٿا بس رڳو ٺڳي تي گُذر ٿن. سروي ۾ عبدالفتاح، بخشل سنڌي، سليم فوجي، ديدار علي شيخ، علي گل سومرو، اطهر حسين، وحيد علي مگسي، نماڻو نوناري، دولت وکر، سردار لطيف، ايم اسماعيل بلوچ، عبدالله خان، حسين شيراز فولادي، ميانداد مري به حصو ورتو.