دبئي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ هڪ هزار 50 ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين ٽاپ پوزيشن پاڻ وٽ رکڻ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو. آءِ سي سي جي نئين جاري ڪيل رينڪنگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابراعظم هڪ درجو پوئتي ويندي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان پهرين نمبر تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. بابراعظم ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پنهنجي ڪيريئر ۾ لڳاتار هڪ هزار 155 ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ٽاپ بيٽر رهيو.