ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ چيني ماهرن ۽ اسٽاف جي سيڪيورٽي کي غيرمعمولي بڻايو وڃي، سنڌ ايندڙ چينين جي سيڪيورٽي لاءِ سندن اسپانسرز کي پابند بڻايو وڃي، ايئرپورٽ سيڪيورٽي ڊيسڪ به پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سرانجام ڏئي، صوبي ۾ جتي جتي چيني ڪم ڪن ڪن ٿا، سيڪيورٽي جي نقطه نظر سان انهن جون فهرستون تيار ڪرڻ لاءِ اسپانسرز سان رابطا يقيني بڻايا وڃن. ڪالهه سي پي او ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۾ هن چيو ته جاچ جي شعبي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي  آهي، جيڪا جلد پنهنجون سفارشون تيار ڪندي. آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس جي  تلاش ايپ جون 74 ڊوائيس ڪراچي ۽ 37 صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ڏنيون وينديون آءِ جي سنڌ دفاعي نمائش آئيڊياز جي سيڪيورٽي حوالي سان ڪانٽيجنسي پلان تيار ڪرڻ جو حڪم به ڏنو