راولپنڊي (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي دراز زندا ۾ پاڪ فوج ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي جي ڪليئرنس جاري آهي.