ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني ادارن واري کاتي ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ابتڙ ٽنڊو ڄام اڪيڊمي جو آفيسر سيڪريٽري جو پي ايس مقرر ٿيل!  ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب لوڪل گورنمينٽ جي اداري ٽنڊو ڄام اڪيڊمي جي  آفيسر اخلاق  احمد کي صوبائي سيڪريٽري جي پي ايس واري اهم ڪيڊر پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي، انهي مقرري تي کاتي جي ملازمن چيف سيڪريٽري کي شڪايت اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.