اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري ۾ اليڪشن ڪميشن سياسي ڌر بڻجي ويو آهي، اليڪشنڪميشن جو ڪم ايف آءِ آرون ڪرائڻ ناهي ان جو ڪم اليڪشن ڪرائڻ آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن کان پهريان گرفتارين جو دور شروع ٿي ويندو، جنهن کان پوءِ جام حڪومت جو روڊن تي ڪم تمام ٿي ويندو، فواد جي گرفتاري ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو ڪم ڪندي، هاڻي ملڪ  چونڊن بدران تشدد جي راهه تي هلي پيو آهي، فيصلا رستن تي ٿيندا.