اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 43 اسيمبلي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو، ميمبرن جي ڊي نوٽيفاءِ ٿيڻ بعد 43 سيٽون خالي قرار ڏنيون ويون، جڏهن ته 21 مخصوص سيٽن کي به خالي قرار ڏنو ويو، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ طرفان ڊي نوٽيفاءِ ٿيل سمورن ميمبرن کان مراعتون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سي ڊي اي اختيارين کي لاجز خالي ڪرائڻ سميت گاڏيون واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.