اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلي جي چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻي آهي يا اتحاد قائم ڪرڻو آهي، نواز شريف مشارت شروع ڪري ڇڏي، نواز شريف پاران چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻ بعد وطن واپسي تي به مشاورت، پارٽي قيادت کي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب  پنجاب ۽  خيبر پختونخوا اسيمبلي جي چونڊن لاءِ چونڊ اتحاد قائم ڪرڻو آهي يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻي آهي ان بابت نواز شريف سينيئر پارٽي اڳواڻن سان ابتدائي مشاورت ڪئي، ذريعن مطابق چونڊن بابت سمورا فيصلا  مريم نواز جي وطن واپسي بعد ڪيا ويندا، نواز شريف چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻ بعد وطن واپسي جي حوالي سان به صلاح مشورا ڪيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ليگي قيادت کي نواز شريف جي وطن واپسي جي حوالي سان تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ذريعن مطابق چونڊ مهم جي نگراني نواز شريف پاڻ ڪندو، چونڊن جو شيڊيول جاري ٿيڻ تي حالتون ڏسي واپسي بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو، نواز شريف جي واپسي کان اڳ مريم نواز پارٽي کي متحرڪ ڪندي، مريم نواز پنجاب ۾ جلسن ۽ ورڪر ڪنوينشنن کي خطاب ڪندي، نواز شريف جلسن ۽ ريلين جو شيڊول تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.