ڇوڪري جو ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ پنهنجي اغوا جو ڊرامو، والد کان 30 لک ڀنگ طلب

0
168
ڇوڪري جو ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ پنهنجي اغوا جو ڊرامو، والد کان 30 لک ڀنگ طلب
ڇوڪري جو ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ پنهنجي اغوا جو ڊرامو، والد کان 30 لک ڀنگ طلب

ڀارت ۾ 12 سالن جي ڇوڪري ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي لاءِ پنهنجي ئي اغوا جو ڊرامو رچائي والد کان 30 لک ڀارتي رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪيو

هي واقعو ڀارتي رياست مدهيه پرديش جي شهر انور ۾ پيش آيو، جتي ڪاويا دهاڪڙ نالي ڇوڪري پنهنجي ٻن دوستن سان گڏڪي سمورو ڊرامو ڪيو

راجستان پوليس موجب ڪاويا اندور مان دوستن سان گڏ داخلا ٽيسٽ جي تياري لاءِ راجستان آئي هئي، هن پنهنجي منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ جي لاءِ پهريان شهر ڪوٽا ۾ ٽي ڏينهن رهي، هي ٽئي هاسٽل ۾ رهيا ۽ ڪوچنگ ڪلاسز ۾ شرڪت ڪئي

پوليس ٻڌايو ته 18 مارچ تي ڪاويا جي والد پوليس ۾ ڌيءَ جي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي ۽ پوليس کي ڪجهه تصويرون به ڏيکاريون جيڪي هُن کي موڪليون ويون، تصويرن ۾ ڌيءَ جا هٿ رستن سان ٻڌل هئا

ان سان گڏوگڏ والد ٻڌايو ته اغوا ڪندڙن 30 لک ڀارتي رپين جو مطالبو ڪيو آهي جنهن تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

جاچ بعد پوليس ڇوڪري جي ٻن دوستن مان هڪ کي حراست ۾ ورتو، جنهن بعد هن سمورا تفصيل پوليس کي ٻڌايا ته ٻاهرين ملڪ جي خواهش رکندڙ ڪاويا هي سڄو ڊرامو ڪيو آهي

دوست اهو به ٻڌايو ته ڪاويا جي اغوا جو فوٽو شوٽ هڪ دوست جي ڪمري ۾ ڪيو ويو، پوليس کي هاڻ ڪاويا جي ڳولا آهي ۽ ان حوالي سان ڪوٽا سميت ويجهن شهرن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن