بخشاپور ۾ استادن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران بدامني خلاف ڌرڻو

0
38
بخشاپور ۾ استادن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران بدامني خلاف ڌرڻو
بخشاپور ۾ استادن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران بدامني خلاف ڌرڻو

بخشاپور (رپورٽر) بخشاپور ۾ استادن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران استاد الهه رکيو نندواڻي جي قتل ۽ وڌندڙ بدامني خلاف ڌرڻو، بخشاپور ۾ استادن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران وڌندڙ بدامني ۽ استادن جي قتل وارن واقعن خلاف ڌرڻو هنيو ويو

پ ٽ الف، گسٽا اڳواڻن ۽ سياسي  سماجي ڌرين پاران انڌي ڦاٽڪ وٽ  شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو ويو، استاد الهه رکيو نندواڻي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

اڳواڻن جو چوڻ هو ته مختلف علائقن ۾ استاد، اديب ۽ پوليس  اهلڪار قتل ٿي چڪا آهن، پوليس امن  بحال نٿي ڪرائي، معصوم ٻارن کي به اغوا ڪيو پيو وڃي

هنن چيو ته روشن  الدين ڊومڪي، استاد الله رکيو نندواڻي، استاد جمعو جکراڻي، ظفر لاکو جا به قاتل گرفتارناهن ٿيا، پوليس ڪجهه به پئي ڪري

مظاهرين مطالبو ڪيو ته مراد علي ڀنگوار، محمد پناهه ڀنگوار،  اهلڪار ادب حسين، مسعود بنگلاڻي ۽  ٻين جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن