ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) وزيراعظم شھباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۾ 6 جنوري 2021ع تي ڪيپيٽل هل تي حملو ڪندڙ وڳوڙين کي آيل سزائون جائز آھن ته پوءِ ھتي به فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن کي ملندڙ سزائون جائز آھن، ماضي ۾ شهيد ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ نواز شريف جي ناهلي وارا وڏا وڏا سانحا ٿيا پر ڪنهن به ڌر ملڪ جي فوجي عمارتن تي حملن جو نه چيو،  9 مئي تي اهو ٿيو، جنهن جو دشمن به سوچي نه پي سگهيو ، سياسي مفادن لاءِ ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انهي سازش جا پيرا سمنڊ پار ڏانهن وڃن ٿا، گڏيل مفاھمت ۽ اتفاق سان وڏن وڏن چيلنجز کي منهن ڏئي سگھجي ٿو، ڪالهه  هتي  سي ايم ھائوس ۾ ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ ميگا رٿا ڪي فور جو پيڙھ جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪو شخص چور چور جا نعرا هڻندو هو، اڄ پاڻ ڪرپشن ۾ پڪڙيو ويو آهي، 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن تي عمران نيازي جي هدايت تي جٿن حملا ڪيا، اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، هن چيو ته اتحاد ۽ اتفاق ۾ برڪت آهي، گذريل هڪ سال کان اتحادي حڪومت اتفاق جو مظاهرو نه ڪري ها ته صورتحال مختلف هجي ها، ڪابينا جي اتحاد ۽ اتفاق 9 مئي جي سازش کي ناڪام بڻايو، هن چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آھي جو اڄ شھر جي 2 وڏين سياسي جماعتن سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ٿيون، هن چيو  ته  ڪي فور رٿا کي سردخاني ۾ اڇلايو ويو هو، اسان انهي منصوبي کي جلد مڪمل ڪنداسين، ڪي فور رٿا مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي واسين جو پيئڻ جي پاڻي وارو مسئلو حل ٿي ويندو، هن چيو ته آئون خاطري ٿو ڪرايان ته مسئلن کي گڏجي حل ڪنداسين، پاڪستان کي وڃايل مقام ٻيهر ڏيارينداسين.انهي کان اڳ وزيراعظم ٽيڪسٽائيل ايڪسپو جو دورو ڪيو،  جتي هن ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته حڪومت ٽيڪسٽائل واري صنعت کي گهربل وسيلا فراھم ڪندي، ڪراچي ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙي ملڪ کي وڏو نقصان ڏنو، ڪورونا وقت گيس سستي هئي پر ان وقت جي حڪومت معاهدا نه ڪيا، هن چيو ته معاشي استحڪام لاءِ  سياسي استحڪام ضروري آهي،  ملڪ ۾ سال کان عدم استحڪام هو،  جيڪو هاڻ به آهي، اسان جي حڪومت اچڻ وقت مهانگائي عروج تي هئي، هڪ سال دوران اسان جي چين سميت دوست ملڪن مدد ڪئي، بوڏ وقت وفاق متاثرن جي واهر لاءِ 100 ارب رپيا ڏنا هئا،  هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف جا 100 سيڪڙو شرط مڪمل ڪيا آهن، هاڻ بجيٽ اچي رهي آهي، اسان محدود وسيلن باوجود عوام کي رليف ڏينداسين، هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ڪالهه وزيراعظم شھباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موجوده ملڪي صورتحال، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ۽ آدمشماري جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ذريعن موجب وزيراعظم آڏو گورنر موقف اختيار ڪيو ته آدمشماري تي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين پارٽين کي خدشا آھن ـ انھي ڪري اھي خدشا ختم ٿيڻ گھرجن، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي واسين کي بجلي فراھم ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي ـ وزيراعظم کيس يقين ڏياريو ته ڪراچي جا مسئلا ترجيجي بنيادن تي حل ڪنداسين، ڪراچي ياترا دوران وزيراعظم شھباز شريف  سان نامياري راڳي شھزاد راء پڻ ملاقات ڪري ٻوڏ متاثرين جي بروقت مدد ڪرڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو، ڪي فور جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڪي فور منصوبي کي 20 سال گذري ويا آھن، 2006 ع ۾ ايڪنڪ ۾ کڻي وڃڻ وقت ھن رٿا جي لاڳت 46 ارب ھئي، جيڪا هاڻ وڌي 126 ارب ٿي آهي، رٿا جو  پھريون مرحلو مڪمل ٿيڻ سان روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو، پاڻي جي وسيلن بابت وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته ڪي فور منصوبو 2024ع  تائين مڪمل ٿي ويندو.