اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 146 ماڻهن جا نالا نو فلاءِ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جنهن بعد تعداد 746 کان وڌي ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي نالا پوليس، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي خطن کان پوءِ نو فلاءِ لسٽ ۾ وڌا ويا آهن، انهن ماڻهن کي ون ٽائيم پرميشن جي لاءِ گهرو وزارت کان اجازت وٺڻي پوندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن سڀني ماڻهن جون لسٽون ايئرپورٽن تي اميگريشن اختيارين کي فراهم ڪيون ويون آهن. ذريعن موجب 9مئي واقعن واقعن ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي سوڌو مراد سعيد، فواد چوڌري، حماد اظهر، قاسم سوري، اسد قيصر سوڌو 600 کان وڌيڪ اڳواڻن جا نالا نو فلائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا هئا.