بدين (رپورٽر) بدين ضلعي جي ساحلي پٽي سان تعلق رکندڙ ماهيگيرن جعفر ٿهيمور، غلام رسول ڌانڌل، غلام حسين منڇرو، يار محمد ڌاڙيو، عمر ملاح ۽ ٻين ايوان صحافت اڳيان احتجاج ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فشرفوڪ فورم ضلعي بدين جي اڳواڻن نبي بخش ملاح، رحيم چنڊاڻي، مٺن ملاح، عمر ملاح نريڙي ڍنڊ سميت ڏھ کان مٿي ڍنڍن ڍورن تي قبضا ڪري غريب مهاڻن کان   روزگارکسيو آهي. هنن چيو ته فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مھراڻ علي شاھ کي به ماھيگيرن جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي. اهو به ماهيگيرن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ ڍنڍن تي قبضا ڪندڙن جي ڀرپور حمايت ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته فشر فوڪ فورم ۾ ويٺل ضلعي اڳواڻ ماهيگيرن کي وڙهائڻ جي سازش ۾ ملوث آهن. هنن الزام هڻندي چيو ته فشر ڦوڪ فورم چيئرمين سيد مھراڻ شاھ، اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته غريب مهاڻن جو روزگار کسي گروپ بندي ڪندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري مهاڻن کي روزگار واپس ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪراچي پريس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.