سکر (بيورو رپورٽ) سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار بابت پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سميت 18 ڄڻن خلاف 39 ڪروڙ رپين ۽ خوراڪ کاتي نوشهروفيروز ۾ 4 ڪروڙن ڪرپشن ريفرنس سکر جي احتساب عدالت نيب کي واپس ڪري ڇڏيو.  احتساب عدالت نمبر ٽي جي جج ناصر الدين شاهه جي عدالت سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل مطابق  ٻڌڻي دوران ريفرنس ۾ شامل اڳوڻو اسسٽنٽ ڪمشنر مولا داد دراني، پي ٽي آءِ اڳواڻ ديدار جتوئي ۽ ٻيا پيش ٿيا. عدالت نئين قانون موجب داخل ريفرنس نيب کي واپس موڪلي ڇڏيو. نيب سال 2018 ۾ سکر جي روهڙي واري علائقي ۾ سرڪاري زمين جي رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ. اسسٽنٽ ڪمشنر شاهد علي شاهه سوڌو 18 ڄڻن خلاف 39 ڪروڙ کان وڌيڪ جو ريفرنس داخل ڪيو هو. ٻئي طرف ساڳي احتساب عدالت خوراڪ کاتي نوشهرفيروز ۾ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جي به ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي نئين قانون موجب 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس پڻ نيب کي واپس ڪري ڇڏيو. نيب نوشهرفيروز ضلعي ۾4 ڪروڙن کان ووڌيڪ ڪڻڪ ڪرپشن جو ريفرنس خوراڪ کاتي جي عملدارن ۽ فلور مل مالڪن سوڌو 54 ڄڻن مٿان داخل ڪيو هو.