4 ڪروڙ بعد اڌ گهر ٺهڻ تي همراهه جا مٿي تي هٿ

0
569

سڊني (دلچسپ نيوز) 4 ڪروڙ بعد اڌ گهر ٺهڻ تي همراهه جا مٿي تي هٿ اچي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريليا ۾ شهري ڪمپني سان گهرجي تعمير جو معاهدو ڪيو، ٽن سالن بعد ڪمپني پلاٽ جي هڪ حصي تي گهر ٺاهي ڏنو، جڏهن ته اڌ حصو خالي پلاٽ هو جنهن جي چوڌاري رڳو هڪ ڀت تعمير ٿيل هئي، مالڪ اڌ گهر تعمير ٿيل ڏسي وائڙو ٿي ويو،ڪمپني کي دانهن ڏني، شهري جو چوڻ هو ته هي گهرمنهنجي خوابن جي تعبير ناهي،مون مڪمل گهر ٺاهي ڏيو، جنهن تي ڪمپني انتظاميا کيس جواب ڏنو ته اسان اوهان کي ڊوپليڪس گهر ٺاهي ڏنو آهي، ڪمپني ليور پول ڪائونسل جي هدايت تي ڊوپليڪس گهر ٺاهيو، شهري کي بينڪ پاران نئين معاهدي جو ڊرافٽ پڻ اماڻيو ويو هو، پلاٽ مالڪ ڊرافٽ پڙهڻ بدران صحيح ڪري واپس اماڻي ڇڏيو، شهري کي بينڪ ڊرافٽ نه پڙهڻ واري غلطي ڳچي ۾ پئجي وئي.