عورت گهر ۾ گهڙي آيل واڳون کي ڀڄائي ڇڏيو

0
601

نيويارڪ (دلچسپ نيوز) عورت گهر ۾ گهڙي آيل واڳون کي ڀڄائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ واڳون هڪ گهر ۾ داخل ٿي ويو. گهر مالڪياڻي ايريڪا ونز ڪتي جي ڀونڪڻ تي واڳون ڏٺو، ايريڪا ونز پهرين ته ڍڄي وئي بعد ۾ پاڙيسري عورت سڏائي ورتي، ٻنهي عورتن خالي ڊٻا رکي پهرين ٻاهر وڃڻ جو رستو ٺاهيو،عورتن بعد ۾ واڳون کي ڊگهي لٺ سان ڌڪ هڻي ٻاهرڪڍيو، پاڙيسري عورت فيس بڪ تي ان منظر کي لائيو اسٽريم ڪندي رهي. ٻنهي عورتن جي 20 منٽن جي ڪوششن بعد واڳون هليو ويو.