معاوضي سميت موڪلن لاءِ همراهه جون مهيني ۾ 4 شاديون

0
393

لنڊن (دلچسپ نيوز) معاوضي سميت موڪلن لاءِ همراهه جون مهيني ۾ 4 شاديون ڪري ورتيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب تائيوان ۾ سرڪاري ملازمن کي شادي لاءِ معاوضي سميت موڪلن جو قانون موجود آهي. ان حوالي سان قانون تحت ادارو ملازم کي شادي لاءِ نه رڳو 8 موڪلون پر ان سان گڏ معاوضو به ڏيندو. ان قانون جو فائدو کڻڻ لاءِ هڪ بينڪ ملازم پهرين شادي تي موڪل جي آخري ڏهاڙي زال کي طلاق ڏني، طلاق جي ٻئين ڏينهن ٻي شادي لاءِ بينڪ کي موڪل ۽ معاوضي لاءِ درخواست اماڻي ڇڏي، بينڪ ملازم جي چالاڪي ڏسي بينڪ موڪل ۽ معاوِضي کان انڪار ڪيو جنهن بعد ملازم ليبر بيورو پهچي ويو، جاچ بعد ثابت ٿيو ته بينڪ قانون ٽوڙيو آهي جنهن تي ليبر بيورو بينڪ مالڪ تي 7سئو ڊالر ڏنڊ مقرر ڪيو.بينڪ پاران ادائيگي بعد ملازم 37 ڏينهن اندر4 شاديون ڪري فائدو ماڻيو.