آءِ سي سي طرفان بابر اعظم ۽ محمد يوسف کي ڀيٽا پيش

0
470

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) 18 سالن کانپوءِ پاڪستاني ڪرڪيٽر بابر اعظم جي ون ڊي رينڪنگ ۾ نمبر ون تي اچڻ تي هڪ تصوير جاري ڪئي، تصوير ۾ 2003ع ۾ نمبر پوزيشن تي قبضو ڪندڙ محمد يوسف ۽ تازو ئي آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ مان ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي کي بادشاهت ختم ڪندڙ بابر اعظم موجود آهي. تصوير شيئر ڪندي ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ويو ته آخري ڀيرو نمبر ون بڻجندڙ ۽ تازو ئي نمبر ون رينڪنگ ۾ شامل رانديگر هڪٻئي کي اعزاز سان نوازي رهيا آهن. ياد رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آءِ سي سي جي نمبر ون پوزيشن تي پهچندڙ چوٿين پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو. بابر اعظم کان اڳاهو اعزاز ظهير عباس، جاويد ميانداد، محمد يوسف پنهنجي نانءُ ڪري چڪا آهن.