وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهچي رهيو آهي

0
370

ڪراچي/سکر (نمائندن وٽان) وزير اعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهچي رهيو آهي، سکر ۾ ڪامياب نوجوان پروگرام جو افتتاح ڪندو، وفاقي وزير فواد چوڌري موجب وزير اعظم سنڌ لاءِ 446 ارب رپين جي ميگا ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪندو، ترقياتي منصوبن ۾ 306 ڪلو ميٽر سکر-حيدرآباد موٽر وي به شامل، وزير اعظم سکر ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، ڪراچي ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزيرن سان ملاقاتون به رٿيل، صوبائي وزير ناصر شاهه وزير اعظم جي دوري کان اڻڄاڻ، ناصر شاهه چيو ته وزير اعظم سنڌ آيو ته سندس استقبال ڪنداسين. ٻئي پاسي وزير اعظم عمران خان جي دوري کان اڳ سکر واسي سراپا احتجاج بڻجي ويا، شهرين جو مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته مهانگائي سبب عام ماڻهو جو جيئڻ تنگ ٿي ويو آهي، نوٽيس ورتو وڃي