واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ 30 سالن جي پيٽريشيا نالي عورت اوچتو گم ٿي وئي هئي ۽ هن کي مرده قرار ڏنو ويو هو پر 3 ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ انڪشاف ٿيو آهي ته هوءَ زنده آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 30 سال اڳ پيٽريشيا نالي عورت اوچتو گم ٿي وئي هئي. هن کي آخري ڀيرو 1992ع ۾ پٽسبرگ، پنسلوانيا ۾ ڏٺو ويو هو. گم ٿيندڙ عورت کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نه ملڻ تي هن کي قانوني طور تي مرده قرار ڏنو ويو پر 30 سال گذرڻ کانپوءِ خبر پئي آهي ته ڄاڻايل عورت زنده ۽ پورٽوريڪو جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. پيٽريشيا گم ٿيڻ کان اڳ لفٽ آپريٽر جو ڪم ڪري رهي هئي ۽ ان وقت هن ۾ شيزوفرينيا جا آثار پيدا ٿي ويا هئا. واصح رهي ته اها هڪ بري جهاز ذريعي پوروٽوريڪو وئي ۽ اتي به تبليغ لاءِ وڃي رهي هئي. گهر وارن چيو ته هوءَ کين سڃاڻي يا نه، پوءِ به اهي پيٽريشيا سان ملي هن کي ڀاڪر پائڻ ٿا چاهين. پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين عورت جي گهر وارن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌايو آهي ته پيٽريشيا ڪوپٽا جو پتو پيو آهي هوءَ هن وقت آمريڪي رياست پورٽوريڪو جي هڪ اسپتال ۾ آهي.