ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان کي هڪ ڄنگهه کان معذور آهي ۽ اها پروفيشنل ويٽ لفٽر جيان وزن کڻي رهيو آهي. وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته معذور نوجوان هڪ جم ۾ موجود آهي ۽ هڪ ڄنگهه کان محروم هئڻ باوجود وزن کڻڻ سان گڏ پنهنجو توازن به برقرار رکيل آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ هڪ معذور نوجوان کي ڪنهن جم ۾ ورزش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، اهو نوجوان باربل جي ٻنهي طرفن لڳل وزني پليٽن کي کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پهريان اهو وزن کي ڪوشش ڪري پنهنجي سيني تائين کڻندو آهي ۽ ڪجهه لمحن کانپوءِ پنهنجو توازن برقرار رکندي باربل وڌيڪ مٿي کڻندو آهي. وڊيو کي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ هزارين ڀيرا لائيڪ ڪيو ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان نوجوان کي همت تي داد به ڏنو ويو آهي.