ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سينٽرل پنجاب جي اڳوڻي مينيجر خالد نيازي چيو آهي ته 2019ع ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ اِن فٽ ٿيڻ تي حسن علي جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئا. هن ٻڌايو ته 2019ع ۾ حسن علي قائد اعظم ٽرافي دوران ڪم بيڪ ڪرڻ چاهيندو هو، حسن علي فٽنيس حاصل ڪرڻ بعد ميچز کيڏڻ گهرندو هو. خالد نيازي موجب ميچ کان پاسرين ۾ تڪليف ٿي، فريڪچر سامهون آيو ته بورڊ حسن علي کي ڪراچي کان لاهور گهرايو، ٽيم ڇڏڻ تي فاسٽ بالر روئي ڏنو هو.