ٽنڊو آدم (رپورٽ: سليمان ساند) سنڌ جو مهان راڳي استاد منظور علي خان 9 سيپٽمبر 1980 تي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو سندس وڇوڙي جي 40 ورهين کان سندس پاران رضاڪاراڻي طور قائم ڪيل استاد منظور علي خان ميوزڪ اڪيڊمي کي تالا لڳل آهن ۽ راڳ جي سکيا جو عمل پڻ بند آهي، ڄاڻايل ميوزڪ اڪيڊمي ٽنڊي آدم جي جمن شاهه پاڙي ۾ سندس جڳهه ۾ قائم هئي جتان سنڌ جا ڀلوڙ راڳي استاد محمد يوسف، استاد گلزارعلي خان دايو، استاد وحيد علي خان، قمر سومرو، انور حسين وسطڙو، مختيار علي خان، محمد عرس مڱڻهار، دين محمد دمساز، محمدي فقير، لياقت علي شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي استاد منظور علي خان کان راڳ جي سکيا وٺي نڪتا ۽ وڏو نالو ڪمايو. اڄ به سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳ تي استاد منظور علي ۽ سندس شاگردن جي ڇاپ قائم آهي. ان اڪيڊمي کي استاد منظور علي خان رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي هڙان وڙان هلائيندو رهيو، جتي شاگردن کي ماني ٽڪي ۽ رهائش به سندس پاران مفت ۾ مليل هوندي هئي. سندس وڇوڙي سبب ڪجهه وقت تائين سندس ننڍي ڀاءٌ استاد وزير علي خان اها اڪيڊمي هلائي پر سرڪاري سرپرستي نه هئڻ سبب اهو سلسلو بند ٿي ويو. هوڏانهن سنڌ جي هن سدا ملوڪ راڳي استاد منظور علي خان جي ڳايل ناياب ڪلامن جو وڏو ذخيرو پڻ غير محفوظ آهي اهي ناياب ڪلام جيڪي سون جي تعداد ۾ آهن سندس ڀائيٽو نادر علي خان پنهنجي وڏڙن جي نشاني سمجهي محفوظ ڪندو اچي جنهن گهر اندر هڪ ننڍڙي لائبريري قائم ڪئي آهي جتي ڪيسٽن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، پر وڏو عرصو گذري وڃڻ توڙي مناسب فارميٽ ۾ نه اچڻ ڪري انهن ناياب ڪلامن جي ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.