جمال شاهه ۽ ڀرپاسي ڦارون جو فصل تيار، آبادگارن ۾ خوشيءَ جي لهر

0
484

جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه لڳ ڳوٺ لائق زرداري ۾ پوکيل ۽ ٻين هنڌن تي ڦارون جو فصل پچي تيار ٿي ويو، جنهن جي چونڊائي هلي رهي آهي، جنهن ڪري آبادگارن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي، آبادگارن ڊاڪٽر اعظم زرداري، امتياز زرداري، صالح سولنگي ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڦاروا گرمي جا دشمن آهن ۽ هن جي استعمال سان انسان ۾ رت جي کوٽ پوري ٿئي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته ڦارون جو فصل تمام بهترين فصل آهي، اسان هر سال فصل تي محنت ڪري سٺو ناڻو ڪمائيندا آهيون ۽ هن سال به حڪومت کان اها اميد رکون ٿا ته اسان کي ڦارون جو 250 کان 300 رپيا في ڪلو جي حساب سان ريٽ ڏياري اسان جي جان جو ٿڪ لاهيندي.