ملير: مواڇ ڳوٺ ڌماڪي ۾ مارجي ويل 13 ٻارن ۽ عورتن جا جنازا کڄڻ تي سوڳ، لڙڪن ۽ سڏڪن سان مٽي ماءَ حوالي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مواڇ ڳوٺ ڌماڪي ۾ مارجي ويل 6 عورتن ۽ ست ٻارن جي جنازي نماز شيرپائو ڪالوني جي اسٽار گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، هڪ ئي وقت 13 جنازا کڄڻ تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جنازي نماز ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، صوبائي وزيرن سعيد غني ۽ ساجد جوکيو، ايم پي اي سليم بلوچ، ايم اين اي ڪيپٽن جميل احمد، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، مولانا اونگزيب فاروقي، وزيراعليٰ جي خاص معاونن اقبال ساند ۽ سلمان عبدالله مراد، پي ٽي آءِ اڳواڻ عدنان اسماعيل، جان شير جوڻيجو، ڪيپٽن رٽائرڊ رضوان احمد، ايم ين اي قادر مندوخيل، حافظ نعيم الرحمان سميت هزارين علائقي واسين شرڪت ڪئي. جماعت اسلامي ڪراچي ڊويزن جي صدر حافظ نعيم الرحمان جنازي نماز پڙھائي.