ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) ڪراچي جي مواڇ ڳوٺ ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي وڌيڪ 2 زخمين دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ 13 ٿي ويو، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان موجب متاثر خاندان جماعت اسلامي ملير جي اڳواڻ معراج خان سواتي جو هو، معراج جي گھرواري، پوٽي ۽ 2 ساليون به ڌماڪي ۾ مارجي ويون. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، ڊرائيور ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ، وارثن ۽ جماعت اسلامي طرفان دهشتگرد ڪارروائي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ جو مطالبو، ان ڏس ۾ ڇنڇر واري رات جو مواڇ ڳوٺ موڙ وٽ شهزور گاڏي تي ڪريڪر جو ڌماڪو ٿيو، انهي واقعي جي وڌيڪ 2 زخمين سول اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 13 ٿي ويو، مارجي ويلن ۾ 6 عورتون ۽ 7 ٻار شامل آهن. پوليس موجب مارجي ويلن ۾ شاھينه ۽ سندس ڌي نصرت، شرافت زال معراج، عثمان ۽ سندس ڀاءَ سليمان، سليمه ۽ سندس 2 پٽ حماد ۽ صفيان، اقرا ۽ سندس ڀيڻ اقصيٰ، ملڪيت زال رحم دل ۽ ريان شامل آهن. جڏهن ته 7 زخمين جو علاج سول اسپتال ۾ هلندڙ آهي. وارثن طرفان زخمين جو نجي اسپتال مان علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. وارثن موجب سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جو رويو صحيح ناهي، علاج به بهتر نموني نه پيو ٿئي، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، هن وقت تائين سنڌ حڪومت، سنڌ جي گورنر سميت ڪنهن به وفاقي نمائندي رابطو ناهي ڪيو. وارثن چيو ته اسان پوليس جاچ مان به مطمئن ناهيون، هي ذاتي دشمني نه پر دهشتگردي جو واقعو آهي، گذريل سال به جماعت اسلامي جي ريلي تي حملو ٿيو هو. ٻئي طرف جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان موجب متاثر خاندان جماعت اسلامي ملير جي اڳواڻ معراج خان سواتي جو هو، معراج جي گھرواري، پوٽي ۽ 2 ساليون به مارجي ويون. هن چيو ته حملو ڪراچي انتظاميا جي ناڪامي آهي، ڌماڪو ذاتي دشمني جو نتيجو ناھي، ھي ڌماڪو جماعت اسلامي تي ٿيل حملن جو تسلسل آھي، سنڌ حڪومت قاتلن کي ڪيفرڪردار تائين پھچائي. هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو، پوليس موجب ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مشاورت جاري آهي، ڪيس سي ٽي ڊي ۾ داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف پوليس شهزور جي ڊرائيور خالد ۽ ٻين اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا. ڊرائيور موجب منهنجي گاڏي ٽن هزارن ۾ بڪ ڪرائي وئي هئي، 10 وڳي ڌاري مواڇ ڳوٺ وٽ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جو آواز زوردار هو، منهنجا ڪن بند ٿي ويا، گاڏي جو پويون شيشو ٽٽڻ سان لڳو ته ڌماڪو گاڏي ۾ ٿيو، مون سان گڏ فرنٽ سيٽ تي 2 ڄڻا ۽ پويان 18 کان وڌيڪ ماڻهو ويٺل هئا، مون ڪنهن کي گاڏي سان گڏ هلندي يا پويان ايندي نه ڏٺو، مون کي ڪجهه نه ٿيو، مون سان گڏ ويٺل شخص کي ڇرا لڳا.