12 مئي: ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينھن 

0
207
12 مئي: ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينھن 

  اقتدار جي راند ھميشه کان موت جي راند به رھي آھي. هن ملڪ ۾ اھي ٻئي رانديون ھميشه کان کيڏيون پيون وڃن، البته رانديگر تبديل ٿيندا رھيا آھن. اھڙي ئي ھڪ رت جي راند اڄ کان 16 سال پھرين 12 مئي 2007ع تي کيڏي وئي ھئي. ان ڏينھن کي ملڪ جي سياسي، جمھوري تاريخ خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ۽ روشنين جي شھر ڪراچي جي لاءِ ڪاري ڏينھن طور ياد ڪيو ويندو آھي. ان ڏينھن تي دهشتگردن سنڌ جي راڄڌانيءَ کي رت سان وھنجاري ڇڏيو ھو. 12 مئي جي سانحي کي اڄ 16 سال گذري چڪا آھن پر اڄ تائين ان ڏينھن جي دھشت، وحشت ۽ بربريت جي خبر رکندڙن لاءِ ھڪ ڀيانڪ ياد آھي. ھر طرف گولين جي برسات ھئي. عام ماڻھو گھرن تائين محدود ٿي پنھنجو سر بچائڻ ۾ پورا هئا. ڪراچي جي رستن تي سياسي ڪارڪنن، وڪيلن ۽ جمھوريت پسندن جو رت وھي رھيو ھو. 12 مئي جو سانحو مارچ 2007ع جي ان حڪم جي ڪڙي ھو، جڏھن تڏھوڪي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي حڪومت اُن وقت جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي استعيفا ڏيڻ جو چيو ۽ انڪار تي کيس عھدي تان ھٽايو ويو. جنھن خلاف ملڪ جي وڪيلن “عدليه بحالي تحريڪ” جو ملڪ گير آغاز ڪري ڇڏيو ھو. ان تحريڪ دوران 12 مئي 2007ع تي معزول تڏھوڪو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي گولڊن جوبلي ۾ شرڪت لاءِ اچي رھيو ھو، جنھن جي آجيان لاءِ پوري سنڌ جي وڪيلن سان گڏوگڏ آئين، قانون، جمھوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجھد ڪندڙ مختلف قوتون ڪراچي ايئرپورٽ پھچي چيف جسٽس سان يڪجھتي جو اظھار ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪري چڪيون ھيون. اھو اعلان آمريت پسند قوتن ۽ ساٿارين پنھنجي آمريتي راڄ لاءِ خطري جو باعث سمجھندي، آمريتي راڄ پنھنجي دھشتگرد ساٿارين ذريعي استقبالي جلوسن کي ھر حال ۾ روڪڻ ۽ ناڪام بنائڻ جو منصوبو جوڙيو. پوءِ ڇا ٿيو، جڳ جھان ڏٺو، شھر اندر کليل طور ھٿيار کڻي گھٽي گھٽي ۽ رستي رستي تي گولين جو مينهن وَسايو ويو. بيگناھ مزدور، واٽھڙو، وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن گوليون ھڻي شھيد ڪيا ويا، ميڊيا ھائوسز تي حملا ڪيا ويا. ايمبولينسن کي زخمي ماڻھو کڻڻ نه ڏنا ويا. چيف جسٽس افتخار چوڌري ھاءِ ڪورٽ تائين نه پھچي سگھيو ۽ کيس اتان جبري طور اسلام آباد موٽايو ويو.

مون ڪنھن ليکڪ جو ان سانحي تي ليک پڙھيو ھو، جنھن ان سانحي کي پاڪستان جي تاريخ جو ھڪ ٻيو ڍاڪا سانحو قرار ڏنو ھو. ھڪ طرف روشين جي شھر ۾ رياستي غنڊن جي سرپرستي ۾ رت جي ھولي پئي کيڏي وئي ته ٻئي طرف اسلام آباد  ۾ پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي پائمال ڪندڙ آمر پرويز مشرف مُڪ ڏيکاري ڪراچي واقعن کي “عوام جي طاقت” جو نالو ڏيئي رهيو هو.

طاقت جي نشي ۾ آمر پرويز مشرف جي اشاري تي ٿيل ھن رت جي راند پٺيان ايم ڪيو ايم جي مختلف اڳواڻن ۽ وزيرن جو نالو ماسٽر مائينڊ طور کڄندو رھيو آھي، پر سالن کن پھريان ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي ھن سانحي بابت پنھنجي ذميواري قبول ڪندي معافي وٺڻ جو اعلان ڪيو ھو. گڏوگڏ اھو به چيو ھو ته کين استعمال ڪيو ويو ھو. اھا ڪيڏي نه ستم ظريفي ۽ ظلم جي انتھا آھي ته ھڪ پارٽي جيڪا سياست جي نالي ۾ دھشت ۽ وحشت جي راڄ جو حصو رھي ھجي، بلڪه ائين چئجي ته انھن کي ٺاھيو ۽ وڌايو ئي ان لاءِ ويو ھجي ته ضرورت پوڻ تي 12 مئي ۽ بلديه فيڪٽري جھڙيون قيامتون برپا ڪري ڇڏجن. ان پارٽي جا اڳواڻ تاريخ جي اھڙن تاريڪ واقعن کي معافي جي ٻن لفظن سان مٽائڻ جي صرف ڪوشش ئي ڪري سگھن ٿا. دنيا جي ڪنھن جمھوريت پسند، آئين ۽ قانون جي حڪمراني واري ملڪ ۾ ڪو سياسي اڳواڻ اھڙي حرڪت لاءِ شايد سوچي به سگھي.

12 مئي جو واقعو ٿيڻ کانپوءِ هر زبان ۽ دماغ اندر اِها سوچ هئي ته خبر ناهي ته افتخار چوڌري جي بحالي کانپوءِ شهيدن جي خون سان ڪهڙو تاريخي انصاف ٿيندو، پر وقت پنهنجي روانيءَ سان هلندو رهيو، افتخار چوڌري وڪيلن جي قربانين کانپوءِ تحريڪ بعد بحال به ٿي ويو ۽ پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿيو پر واقعي وقت جيڪي اُڀريل سوال هُئا، سي اڄ سوڌو عدالتن اندر موجود آهن. حالانڪه ڪراچي اندر ٿيل اُهو واقعو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي ته اهڙي واقعي ۾ ڪهڙا چهرا ملوث ٿي سگهن ٿا پر جنهن وقت انهيءَ هٽايل چيف جسٽس جي پٺيان هيڏي وڏي قرباني ڏني وئي، تنهن جي بحالي کانپوءِ به ڪجهه ڪونه ٿيو، سواءِ رپورٽن جمع ڪرائڻ جي، باقي اڳتي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي!

عدليه بحالي تحريڪ دوران چوڌري اعتزاز احسن جيڪو ان تحريڪ جو روح روان ھو، اھو پنھنجي نرالي انداز سان ماڻھن کي انصاف جي نويد ٻڌائي رھيو ھو ۽ ھن ملڪ جي مظلوم عوام کي يقين ڏياري رھيو ھو ته انصاف جو بول بالا ٿيندو. بقول اعتزار احسن جي ته:

دنيا ڪي تاريخ گواهه هي

عدل بنا جمهور نه هوگا

عدل هوا تو ديس همارا

ڪڀي ڀي ڪچنا چُور نه هوگا

عدل بنا ڪمزور اداري

عدل بنا ڪمزور اڪائيان

عدل بنا بي بس هر شهري

عدل بنا هر سمت دهائي

اور دنيا ڪي تاريخ ۾ سوچو

ڪب ڪوئي منصف قيد هوا هي

آمر ڪي اپني هي انا سي

عدل يهان ناپيد هوا هي

عدل ڪي ايوانون مين سن لو

اصلي منصف ڦر آئين گي

روٽي ڪپڙا اور گهر اپنا

لوگون ڪو هم دوائين گي

آٽا بجلي پاني اينڌن

سب ڪو سستي دام ملي گا

بي روزگارو ڪو هر ممڪن

روزگار اور ڪام ملي گا

رياست هوگي مان ڪي جيسي

هر شهري سي پيار ڪري گي

اعتزاز احسن منزل کي تمام ويجھو ڏيکاري رھيو هو پر افسوس 16 سال گذرڻ باوجود به 12 مئي جي شھيدن ۽ متاثرن سميت ٻي رعايا کي انصاف نه ملي سگھيو. جمھوريت ۽ ادارا مضبوط ٿيڻ بدران ھر ڏينھن ڪمزور ٿي رھيا آھن، اڪائيون ڪمزور ٿي رھيون آھن. بيوسي ۽ مفلسي وڌي رھي آھي. آمراڻيون چالون اڄ به جاري آھن. اصلي منصف اڃا تائين ناھن آيا ۽ نه وري اڃا تائين ھن ملڪ جي ماڻھن کي اٽو، لٽو ۽ اجھو ملي سگھيو آھي. وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته بجلي، گيس ۽ تيل گھڻو مھانگو ٿي چڪو آهي. رياست اڃا تائين پنھنجن شھرين سان ماءُ جھڙو پيار نه ٿي ڪري. قائد اعظم جي خواب جي تعبير اڃا تائين نه ٿي سگھي آھي. مذھبي تفريق ۽ تشدد جو خاتمو اڃا تائين نه ٿي سگھيو آھي پر جيت اسان جو مستقبل ضرور آھي ۽ اھا منزل اڃا دور آھي، جيڪا ويجھي ڏيکاري وئي ھئي.