ڏڪاريل ڏيھ جي سياسي صورتحال

0
253
ڏڪاريل ڏيھ جي سياسي صورتحال

 جيئن ڏيڍ صدي اڳ رچرڊ برٽن سنڌ کي “ڏکايل ماٿري” جي نالي سان منسوب ڪيو هو، تيئن پيارو پاڪستان هڪ ڏڪاريل ڏيھ وارو ڏيک ڏيئي رهيو آھي. سياسي، سماجي، معاشي، اخلاقي ۽ تهذيبي ڏڪار جي ور چڙھيل پاڪستان پوين پنجن سالن ۽ خاص طور تي گذريل هڪ سال کان سانده هڪ المياتي دور مان گذري رهيو آھي. زندگيءَ جي هر ڪرت ۽ ڪاروبار ۾ خواهه اهو سياسي هجي، معاشي يا سماجي، سڀ ۾ هٺ ڌرمي، انتها پسندي ۽ نرگسيت چوٽ چڙھيل آھن.

                 ملڪ جي معاشي صورتحال سبب معاشري مان خوشيون خيرباد چئي موڪلائي ويون آھن. سياست مان سنجيدگي، مزاح سان گڏ جمالياتي حس، اخلاقي قدرن، پرامن چٽاڀيٽيءَ جون وٿون اڻلڀ ۽ غائب ٿي چڪيون آھن. مار ڌاڙ، ڦرلٽ ۽ سياسي ڏاڍ جو بازار گرم آھي، جيڪو چون ٿا ته پراجيڪٽ عمران جو نتيجو آھي، جنهن جي ابتدا ڏهاڪو سال اڳ ۾ ٿي هئي ۽ ڄاڻ ته هاڻي ان جو ڊراپ سين ٿيڻ وارو آھي. ايئن برحق هوندو! پر پاڪستان جون ڪجهه سڄاڻ ڌريون ان کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن، جيڪي چون ٿا ته ان جا بنياد ميثاقان ميهار وڌا هئا، جڏهن بنگلاڀاشا کي تياڳ ڏنو ويو هو ۽ ڪراچيءَ کي ڪَٽيو ويو هو.

پراجيڪٽ عمران ۽ سوشل ميڊيا جي fifth generation war  جا پيرا کڻبا ته معلوم ٿيندو ته هي پنجهتر سالن جو پوڙھو، ڄمڻ وقت ڪنهن موروثي بيماريءَ جي ور چڙھيو هو، جيڪا بيماري هر پنجين ڏهين سال مٿس حملو ڪري اٿلي پوي ٿي. هينئر به هو ان بيماريءَ جي شديد حملي هيٺ آيل آھي. هتان جي ڪابه پارٽي، ڪو به حڪمران، ڪو به ادارو يا ان جو ڪو به سربراهه پاڻ کي  عقلِ ڪُل سمجهي، نرگسيت جو شڪار ٿي، تاحيات ڪرسيءَ تي براجمان رهڻ کي پنهنجو بنيادي حق سمجهي ان کي خالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر هر وقت ٽڪراءَ جي صورتحال آھي ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻيل آھي.  خاص طور نرگسيت جو شڪار ملڪ جا ٽي اهم ليڊر رهيا آھن، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ پاڪستان ٺاهڻ جون دعوائون ڪيون ۽ ترقيءَ جون تاويليون پيش ڪيون. قائد اعظم عليه رحمت فرمايو هو ته، “ملڪ مون ۽ منهنجي ٽائيپ رائيٽر سبب وجود ۾ آيو آھي”. قائد عوام چيو هو ته، “اگر مان دنيا ۾ نه رهيس ته خدانخواسته پاڪستان به نه رهندو”. عمران خان فرمائي ٿو ته پاڪستان ۾ فقط هو “اڪيلو ئي صادق ۽ امين” آھي، تنهنڪري حڪمرانيءَ سندس حق آھي. سندس چواڻي ته، ھو ۽ تحريڪ انصاف پنهنجي حق حڪمراني لاءِ وڙھي رهيا آھن. اهڙو نفسياتي رويو فسطائيت يا فاشزم کي جنم ڏئي ٿو، جتي اٽليءَ جي مسوليني واري فاشزم ته نٿي اچي سگهي پر fascist theocracy جا امڪان ڪڏهن ڪڏهن سامهون ظاهر ٿي نظر ايندا آھن. عمران جو امر بالمعروف ۽ مدني رياست جي قيام جو نعرو دراصل فسطائيت ڀريو ديوتائي نظام متعارف ڪرائڻ ھو. خيالي آدرشن جو شڪار عمران خان ان ڪري ته چوندو هو ته جيڪڏهن هو اقتدار کان نڪتو ته وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندو. اهڙن خطرناڪ روين کي  فقط مضبوط هٿن سان ئي منهن ڏيئي سگهجي ٿو.

ملڪ جون سياسي پارٽيون ان جي اهل ئي ناهن، بلڪه اهي خود ورهاڱي کان اڳ واري آل انڊيا مسلم ليگ وارين سياسي چالن ۽ رستن تي گامزن آھن. ياد رهي ته ورهاڱي کان اڳ مسلم ليگ، شھرن ۾ رهندڙ مسلمانن کي آسرو ڏنو هو ته پاڪستان ٺھڻ جي صورت ۾ اهو هڪ ماڊرن، جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هوندو، جڏهن ته ٻھراڙي جي عوام کي اسلامي قانون نافذ ڪرڻ جا دلاسا ڏنا هئا. موجوده ملڪي پارٽيون اڄ به انهيءَ راهه تي گامزن آھن، جنهن جا خطرناڪ نتيجا اکين اڳيان ڏسي رهيا آھيون. ملڪ ٽن ڏينهن کان هڪ فاشسٽ گروپ جي هٿن ۾ سڙي جلي رهيو آھي. امڪان چٽا ٿيندا  پيا وڃن ته ڏينهن ٻن اندر ايمرجنسي نافذ ڪئي ويندي، جيڪا اعلانيه طور ٿوري عرصي لاءِ لڳائي سگهجي ٿي. رياستي ملڪيتن تي حملا مذمت جوڳو عمل آھن، جيڪي هڪ مخصوص ٽولي طرفان ٿي رهيا آھن. هڪ سياسي پارٽي طور تحريڪ انصاف کي به انهن جي پشت پناهي ڪرڻ بدران مذمت ڪرڻ گھرجي ها، ڇو ته تاريخي طور عدم تشدد واري سياست هميشه پائيدار ۽ ڪامياب رهي آھي.

اڪثر وڏن سياسي مفڪرن حڪمراني جو حق عوام کي ڏنو آھي، جنهن جي نمائندگي پارليامينٽ وٽ آھي پر پاڪستان جي پارليامينٽ به مقدس ڳئون جو روپ اختيار ڪندي توهين پارليامينٽ جو قانون پاس ڪيو آھي. هاڻي عوامي نمائنده ڪنهن سڄاڻ صحافي ۽ ليکڪ جي تنقيد کان ماورا ٿي چڪا آھن. سياستدانن جي هر بدعت کي مقدس پارليامينٽ تحفظ ڏيئي چڪي آھي، جيڪا جمهوري اصولن جي سنئين سڌي نفي آھي. هاڻي وقت آيو آھي ته موجوده پاڪستان جي نئين سر مرمت ڪجي ۽ پراڻا تجربا دهرائڻ بند ڪجن. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ ۽ ورهاڱي جي اصل مقصدن سان ٿيل ويساهه گهاتين جو ازالو ڪرڻ گھرجي. اهو ازالو سياستدان نه پر پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ کي ڪرڻ گھرجي. کين جناح جي چوڏهن نقطن کي وري ٻيهر پڙھڻ، ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي. هي ملڪ مختلف قومن، مذھبن ۽ ثقافتن جو ملڪ آھي. لارڊ ڪرزن جي نظرئي کي خيرباد چئي لاهور واري قرارداد کي من و عن پاڪستان جي قرارداد تسليم ڪرڻ گھرجي. ان کي اڄ تائين تسليم نه ڪرڻ جا اڻ وڻندڙ ۽ المناڪ نتيجا پاڪستان جي تاريخ جو حصو آھن. ملڪ ۾ شامل نه بنگالي غدار هئا، نه سنڌي، بلوچ ۽ پختون غدار آھن. پاڪستان کي گهڻ قومي ملڪ قرار ڏيڻ سان ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي، ادارا ترقي ڪندا ۽ معاشي بهتري ايندي.

drchandioir@gmail .com