رپڙي: جتوئي- ڀٽي خوني تڪرار 7 سال اڳ برادريءَ جي عورت جي اغوا تان شروع ٿيو. ڄاڻايل عورت کي اغوا بعد قتل  ڪيو ويو هو، جنھن بعد ڀٽي ڌر جي ماڻهن نورپور ڀرسان ويٺل جتوئين جون 2 عورتون اغوا ڪيون جن کي راڄوڻي ذريعي واپس ڪرايو ويو. ان واقعي کان پوءِ جتوئي ڌر جي ماڻهن ڀٽي برادري جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو. جڏهن ته حملي آور ڌر جو بشير جتوئي پڻ مارجي ويو هو، ان کانپوءِ جتوئي ڌر راضيديرو ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي تي مٽي کڻندڙ پورھيتن تي حملو ڪري 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد ڳوٺ تي حملي ۾  هڪ ڄڻو ماريو ويو. اهڙي ريت جتوئي- ڀٽي خوني تڪرار دوران ڀٽي ڌر جي ھڪ عورت سميت 9 ڄڻا مارجي چڪا آهن. گذريل ڏينهن ٻن ڄڻن جي قتل بعد ڄاڻايل تڪرار 11 انساني جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي مقتول امام بخش جي ڀاءُ محبت علي ڀٽي ۽ جاويد ڀٽي جي ڀاءُ غلام اصغر ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جو جهيڙيندڙ ڀٽي ڌر سان ڪو به تعلق ناهي، اسان جا ھمراھ بي گناھ صرف ذات ڀائي هجڻ ڪري ماريا ويا آهن، انصاف ڪيو وڃي.