گڊو (ن پ ا) ڪشمور پوليس رائونتي ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري هفتو اڳ عورتاڻي آواز تي هرڪجي اغوا ٿيل ڪي پي  ڪي واسي 5 ڄڻن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ پوليس موجب ته ڪشمور ۽ گڊو پوليس رات دير سان گهوٽڪي جي رائونتي ڪچي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪامياب ڪارروائي ڪري مقابلي بعد 5 مغوين کي بازياب ڪرايو آهي، ايس ايچ او گڊو اقتدار حسين جتوئي موجب ته ڪي پي ڪي جي چارسدہ واري علائقي جي رهواسين جي اغوا جو آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ نوٽيس وٺي ايس ايس پي ڪشمور کي مغوين جي بازيابي لاءِ هدايت ڪئي هئي،ايس پي جي حڪم تي ڪارروائي ڪئي، جنهن بعد  عبدالحميد، شاهد علي، فضل الرحمان، محمد ڪفايت الله ۽ شير زمان کي بازياب ڪرايو آهي، مغوين جي آزادي لاءِ ڏوهارين طرفان 6 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو.