ھڪ جپسي ڪالم … سنڌ جي ماضيءَ ۽ حالَ جا سِرا ــ II

0
114
ھڪ جپسي ڪالم ... سنڌ جي ماضيءَ ۽ حالَ جا سِرا ــ II

 تون پنھنجي ماضيءَ تي پستول تاڻيندين ته ياد رکجانءِ، مستقبل توکي توپَ سان اڏاري ڇڏيندو. (رسول حمزاتوو)

 مان جيئن ئي ٽرين جا ڪاغذَ پٽَ ڪينٽ اسٽيشن جي ٽرين برانچ وارن ڇوڪرن جي حوالي ڪري ٻاھر نڪتس ته رڳو ٻن منٽن ۾ پيارو امر فياض به پنھنجي شاھي براق (ڪلٽس ڪار) کي اڏاريندو پھچي ويو. ڏھن منٽن تائين ڀاڪرن ڀرڻ ۽ ھُجائتيون گاريون ڏيڻ بعد ھن گاڏي اسان جي منزل طرف روان دوان ڪري ڇڏي. ڪار جي خوشبوءَ ۾ واسيل ماحول ۾ ڊاڪٽر ڀوپن ھزاريڪا جو گلزار جو ڳايل گانو … او ميري چندرمان …. توري چاندني انگَ جلائي … توري اونچي آ ٽاري … مين ني پنک ليي ڪٽوائي… ھڪ عجيب سمان ۽ ماحول جوڙي رھيو ھو.. فياض چرچا گھٻا به ڊرائيونگ مھل ڪرڻ پسند ڪندو آھي. الائي ڇو ھن جي ذھني رفتار ڪار جي اسپيڊ سان ئي ڇُوٽ ٿي ويندي آھي، ان ڪري ھن جي ھر جملي بعد ھڪ ٽھڪ ۽ ان بعد ھڪ تاڙو ته ڪنھن صحيفي جي آيت وانگر ضروري ھوندو آھي. جڏھن ناردرن باءِ پاس تان گذري رھيا ھئاسين ته ايئن لڳي رھيو ھو، ڄڻ ڪنھن ٻھراڙيءَ ۾ نڪري آيا آھيون، نه ڪا ترقي ۽ نه ئي ڪا سھولت واري ڪم جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آھي، چئني پاسن کان پھاڙن جون ننڍيون ننڍيون قطارون ڦھليل ھيون، انھن جي وچ مان گاڏي ٽرن ڪري جيئن مُڙي ته ھڪ سھڻو دروازو آڏو اچي ويو، جنھن جي مٿان لکيل ھو: ايڪسپلوريشن اينڊ ايڪسڪيويشن ڊپارٽمينٽ، ثقافت کاتو گورنمينٽ آف سنڌ. اندر داخل ٿياسين ته ھڪ ڪمال جي سھڻي ۽ زبردست سنواريل بلڊنگ جي آڏو اسان جو يارِ غار، ڪرشن ڀڳوان جي رنگ وارو ۽ سوين جام پيتل گھرين اکڙين جو مالڪ مجيد ٿھيم ٻانھون کوليو منتظر مليو. مجيد سائينءَ جو اتي ھجڻ ان ڪري به سٺو ۽ سھڻو لڳو، جو مجيد ڪنھن ڪارپوريٽ اداري جو ھڪ ڪميٽيڊ ۽ وئل آرگنائيزڊ باس لڳندو آھي. فياض ٻڌايو ته مجيد سائين ھتي ڪنسلٽنٽ آفيسر طور ڪم ڪري رھيا آھن. مجيد سائينءَ جي آفيس بلڊنگ جي مئن انٽرنس جي ڀِڪ ۾ ئي ھئي ۽ اتي مون کي ھڪ ٻيو جھٽڪو اھڙو لڳو جو مان اکيون مھٽي بار بار اھو ڏسي رھيو ھيس، ھي خواب آھي يا حقيقت .. منھنجي سامھون ئي ھڪ ڪئبن نما نويڪلي آفيس ۾ مير الطاف حسين ٽالپر ڪمپيوٽر تي ڪو ڪم ڪري رھيو ھو. مير صاحب جي زندگيءَ کي جيڪڏھن مان رڳو ٻن لفظن جي دائري ۾ آڻيان ته اھي ٻه لفظَ مرڪ ۽ محبت ٿيندا. گوري چھري تي اڇن وارن واري مڪس قسم جي ڏاڙھي ۽ گھريون اکيون .. ھُو مون سان ۽ مان ھن سان مليس، ھُو ان وقت جيڪو ڪم ڪري رھيو ھو، اھو ڪمال جو ڪم ھو. ھُو سنڌي ۽ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ ھٿ سان لکيل آرڪيالاجسٽن جي گذريل صديءَ جي فيلڊ ڊائرين کي اسڪين ڪري انهن جي ڪِي ورڊن ڪڍڻ ۾ رُڌل ھو. ھن مثال طور تي پنھنجو ڪجھ ڪم ڏيکاريو ۽ مون ڀاڪر پائي کيس ‘ائپلاڊ’ ڏنو … اسان ھڪ نمبر جا حوالي ماڻھو ۽ ھي اسان جا دوست وري ھڪ نمبر جا چُپ چاپ ڪم ڪري ڏيکارڻ وارا ۽ حيران ڪري ڇڏيندڙ ملائڪ آھن. اسان جيڪڏھن پنھنجي جيون جو حاصل ڳولھيون ته جيڪو اڪائونٽ ٻڙيءَ سان شروع ٿيو ھو ۽ اھو اڄ به ماشاءَ اللھ ٻُڙيءَ تي ئي بيٺل آھي. ان بعد مجيد سائينءَ جي آفيس ۾ چانھ جو ھڪ ‘انٽيميٽ’ قسم جو دؤر ھليو، جنھن ۾ اسان جو فياض ھڪ ھڪ ڍُڪَ تي واھ واھ ڪندو چانھ پينئدو رھيو. فياض ھر ننڍي شئيءَ کي به نظرانداز نه ڪندو آھي، ان ڪري جيڪو به ھن جي ويجھو ھوندو آھي، ان کي ھن جي زندگيءَ ۾ ڳالھين ۽ واقعن جي ھڪ ڪمال ورائٽي نظر ايندي آهي.

سنڌ جي پراچين تاريخ کي اڄ جي سنڌ سان جوڙيندڙ اھو ادارو ھڪ اھڙي شخص جي نگھبانيءَ ۾ ھڪ خواب جي ساڀيان طور ڪم رھيو آھي، جيڪو اسان جي پنھنجي ضلعي خيرپور جي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايڪانامڪس ۾ ڊگري وٺي سنڌ حڪومت جي سيٽ اپ جو حصو ٿي ويو. ھي موھن جي دڙي جو واسي سائين روشن علي ڪناسرو، جنھن جو ھونءَ ته سبجيڪٽ آثار قديمه نه آھي پر سندس اڪائونٽ تي جيترو سارو به ڪم ٿيل آھي، اھو سنڌ حڪومت جي ڪنھن به رواجي ۽ ‘ڪيزوئل’ قسم جي آفيسرن کان گھڻو گھڻو مٿانھون آھي. ھي ڪمال جي سليقي سان سنڌ جي ثقافت کاتي واري پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي کي سنڀاليندي لائبريريون، ميوزئمس وغيرہ جوڙيندو پيو وڃي. سائين ڪناسري صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي قديم آثارن جي بحاليءَ جي حوالي سان ڪيل ڪم جيڪو ثقافت کاتي ۽ پلاننگ ونگ جي ويب سائيٽ تي پڌرو آھي، تنھن کي پرکيندي مان پنھنجي ليپ ٽاپ جي ڪرسر کي صفحي اڳتي وڌائڻ کان کوڙ سارو ٽائم روڪي رکيو ھئو.

ھا ته ھلون ٿا واپس پنھنجي ماڳ تي، جتي ھڪ سھڻو نوجوان منھنجي اڳيان اڳيان آھي ۽ مان ھن جي پوئتان پوئتان ھڪ حيرانگيءَ واري طلسم جو شڪار ماڻھو .. سائين ظھير احمد شيخ صاحب سان ھن جي آفيس ۾ ملياسين، جتي ھن پنھنجي ڪم ۽ پراجيڪٽ متعلق سٺي بريفنگ ڏني ۽ اتي ئي ھڪ سفيد باريش پختون بزرگ به ويٺا ھئا، جنھن کي سمورو اسٽاف بخاري صاحب ڪوٺي رھيو ھو. بخاري صاحب پشاور يونيورسٽيءَ مان ڊگري يافته آھي، ڇو ته پاڪستان ۾ اوائلي طور تي رڳو ٻن يونيورسٽين ۾ ئي آثار قديمه جا شعبا قائم ڪيا ويا ۽ جتي اھو علم اڄ به پڙھايو ويندو آھي. ھڪ اتر سنڌ جي ليڊنگ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۽ ٻي پشاور يونيورسٽي. انھن ٻنھي يونيورسٽين جو آثار قديمه جي حوالي سان ھڪ سھڻو ۽ نظرانداز نه ڪري سگھڻ جو ڪم ٿيل آھي، خاص طور تي لطيف يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن پنھنجي آثار قديمه جي سبجيڪٽ ۾ نمايان ڪم ڪيو آھي.  سکر ۾ لاکين جو دڙو لطيف يونيورسٽيءَ جي آثار قديمه جي استاد ۽ شاگردن جي ھڪ نه وسرندڙ ‘ايڪسپلوريشن’ آھي. جنھن ۾ اسان سڀن شاگردن کوڙ سارو وقت ڌرتيءَ تي ويھي پوٽري (ٺڪر جا ٿانوَ) ۽ ٻيا آرٽيفيڪٽس گڏ ڪيا ھئا ۽ بعد ۾ انھن کي يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي ميوزيم ۾ ٽيگنگ ڪرڻ بعد محفوظ ڪيا ھئا. اھو ساڳيو ئي ڪم مون ھن اداري ۾ به ڏٺو، جتي جي ليبارٽري ۾ دنيا جي مڃيل مشينن ۽ ٽولز جي موجودگي يقيني بڻائي وئي آھي. مون ليبارٽريءَ ۾ پنھنجي زندگيءَ جو ھڪ بھترين ۽ سدا ياد رھندڙ منظر ڏٺو. کوڙ سارا سنڌي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ليبارٽريءَ ۾ مختلف ڊيسڪن تي پنھنجو پنھنجو ڪم ڪري رھيا هئا. ھڪ جاءِ تي ٻه سنڌي نوجوان ڪنھن سائٽ (ماڳ) تان لڌل ٺڪر جي ٿانوَن جي ھڪ ڪيميڪل سان صفائي ڪري رھيا ھئا، ان بعد انھن تي ٽيگنگ ڪري، انھن جي ڪلاسيفيڪيشن ڪري رھيا ھئا ۽ مختلف کوڙيون جوڙي رھيا ھئا. ٿوري ئي فاصلي تي ھڪ ليبارٽري نما مشين ۾ ٺڪر جي ٽڪرن جي اسڪيننگ ٿي رھي ھئي ۽ انھن جي عمر جو ڪاٿو لڳائجي رھيو ھو. مون جڏھن انھن کان پڇا ڪئي ته ڇا ھتي ريڊيوڪاربان ڊيٽنگ جي سھولت ميسر آھي؟ ته ھيڊ صاحب ٻڌايو ته ڪاربن ڊيٽنگ جي سھولت پوري پاڪستان ۾ ڪٿي به مھيا نه ڪئي وئي آھي، ان لاءِ اسان کي پنھنجون شيون ڊيٽنگ جي لاءِ ٻاھرين ملڪن ۾ موڪلڻيون پونديون آھن پر ھڪ سٺي ڳالھ اھا ٿي رھي آھي ته ان کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ھلي رھيون آھن ۽ جلد ئي سنڌ ۾ ڪاربان ڊيٽنگ جي سھولت ھن اداري ۾ مھيا ڪئي ويندي. مان پنھنجي پڙھندڙن کي مختصر طور تي ريڊيوڪاربن ڊيٽنگ لاءِ ٻڌايان ته ڪاربان ڊيٽنگ ھڪ اھڙو قدرتي پراسيس آھي، جنھن ۾ ڪنھن شئي يا جسم ۾ ڪاربان جي مقدار جي جاچ ڪندي ان جي اصل عمر معلوم ڪئي ويندي آھي.

Radiocarbon dating uses the decay of a radioactive isotope of carbon (14C) to measure time and date objects containing carbon-bearing material. With a half-life of 5,700 ± 30 years, detection of 14C is a useful tool for determining the age of a specimen formed over the past 55,000 years.

جيڪڏھن اھا سھولت اسان جي ان اداري ۾ مھيا ٿي وئي ته اسان جي سنڌ حڪومت جي اھا پھرين سھولت ھوندي، جيڪا ھند ۽ سنڌ جي آثار قديمه جي ڳولھائو ماڻھن لاءِ ھڪ تحفي کان گھٽ نه ھوندي. ھڪ ڳالھ ھميشه چوڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان ته پنھنجي قديم آثارن وارن ماڳن جي گھڻي کان گھڻي حفاظت ڪئي وڃي، ڇو ته ماضيءَ جي جيڪا ‘گلوريس’ ڪٿا ۽ ڪھاڻي سنڌ جي آھي، اھا بنھ گھٽ قومن وٽ مليل آھي. قديم سنڌ جا شھر اڄ جي جديد دؤر جي شھرن کان سوين ڀيرا وڌيڪ سھڻا، ھوادار ۽ جديد طرز جا ھئا ۽ بارشن جي موسم ۾ انھن شھرن ۾ ڦڙو پاڻيءَ جو به گھٽين يا گھرن جي اڱڻن ۾ نه بيھندو ھو، سڄو پاڻي منٽن ۾ نيڪال ٿي شھر کان ٻاھر ڪنھن رزروائير ۾ محفوظ ٿي ويندو ھو. دنيا ۾ رڳو ھڪ ئي تھذيب اسان سنڌين کان گھڻي اڳتي ۽ ائدوانسڊ ھئي ۽ اھا ھئي سميري تھذيب- جيڪا عراق جي فرات نديءَ ڪناري “اُر” شھر جي صورت ۾ اسان کي ملي ٿي. اھي اسان کان ڪيئن ائڊوانسڊ ھئا؟ ان جي آکاڻي وري ڪنھن ٻئي ڀيري … (ھلندڙ)