ڳڙهي خيرو/دوداپور (نمائندن وٽان) ڳڙهي خيرو ڀرسان درگاھ لعل شاھ بري جي زيارت تي مڙس سان گڏ آيل عورت فائرنگ ۾ قتل، پوليس پاران ڏير ھٿان ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيڻ جو  انڪشاف، پنھون ڀٽي ٿاڻي جي حد گھر پنھنجا جا رھواسي مڙس ساجد کوسو پنھنجي زال مسمات فوزيا کوسو ۽ ٻارن سان گڏ درگاهه تي زيارت لاءِ آيل ھو ۽ رات درگاهه تي رھيل ھو جتي صبح سوير عورت کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پھچي مقتولا عورت جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پھچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد عورت جو لاش سندس پيءُ ۽ ڀاءُ حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. پنهون ڀٽي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اميد علي کوسو ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري پنهنجي نوجوان ڀاڄائي فوزيا کوسو کي پنهنجي ئي برادري جي محمد علي کوسو سان ڪارنهن جو الزام مڙھي قتل ڪيو آھي جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو آھي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. جڏهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته عورت جي مڙس ۽ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن اسپتال ۾ موجود مقتولا عورت جي مڙس ساجد کوسو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون پنھنجي گھرواريءَ ۽ ٻارن سان گڏ لعل شاهه بري جي زيارت تي آيل ھئس، منھنجي ماءُ ۽ منھنجو ڀاءُ به اسان سان گڏ ھئا صبح سوير منھنجي گھرواريءَ اٿي درگاهه جي پٺئين پاسي وئي جتي فائرنگ جو آواز ٻڌو سين ڪجهه دير بعد وڃي ڏٺوسين ته منھنجي گھرواريءَ کي گوليون لڳل ھيون ۽ تڙپي رھي ھئي جيڪا بعد ۾ فوت ٿي وئي. اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي خبر ناھي منھنجي گھرواريءَ کي ڪنھن ۽ ڇو قتل ڪيو . ٻئي طرف مقتولا عورت فوزيه کوسو جي پيءُ محمد عظيم کوسو رابطو ڪرڻ تي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان کي نياڻي جي قتل جي خبر پئي، اسان تعلقي اسپتال پھتاسين جتي ٻڌايو ويو ته کيس اڻڄاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آھي. ھن چيو ته اسان کي ڪا خبر ناھي ته کيس ڪنھن قتل ڪيو آھي ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اسان ڪنهن ثبوت کان سواءِ ڪنھن مٿان به ڪيس داخل نه ڪرائينداسين پوليس پاران عورت جي ڏير کي گرفتار ۽ قتل ڪرڻ واري سوال تي عورت جي پيءُ چيو ته ان باري ۾ آئون ڪجهه نه چوندس.