نواب شاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ زميندار جي گهر جا چوڪيدار ڀوڳن ڀوڳن ۾ وڙهي پيا، فائرنگ ۾ هڪ چوڪيدار مارجي ويو، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب شهر جي ڪچھري روڊ  واري علائقي ۾ زميندار مشتاق شاهه جي گهر تي 2 چوڪيدار ڀوڳن ڀوڳن ۾ وڙهي پيا، جنهن دوران ھڪ چوڪيدار لعل بخش عرف حاجي جمالي رپيٽر جا فائر ڪري ٻئي چوڪيدار نياز حسين ڪورائي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو. اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پھچي مقتول جو لاش تحويل ۾وٺي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي اباڻي ڳوٺ منھڙو ڀرسان قادر آباد کڻائي ويا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.