ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) سنڌ جي چوپائي مال واري کاتي ۾ وفاقي آفيسر 10 مهينن کان غير قانوني طور مقرر  هجڻ جو انڪشاف، سنڌ سرڪار وفاق جي لکيل خطن کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ وفاقي سرڪار آفيس مينيجمينٽ گروپ جي 18هين گريڊ جي آفيسر اسد اسحاق جون  ڊسمبر 2015ع ۾ خدمتون سنڌ حڪومت حوالي ڪيون هيون، جنهن کي چوپائي مال واري کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو هو، سندس مقرري وارو مدو ڊسمبر 2020ع ۾ ختم ٿيڻ باوجود ڄاڻايل آفيسر اڃا تائين ساڳئي هنڌ تي مقرر ٿيل آهي، سندس واپسي لاءِ وفاقي سرڪار پاران ڪيترائي ڀيرا سنڌ سرڪار ڏانهن خط لکيا ويا پر کيس اسٽيمبليشمنيٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار رليو نه ڪيو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي سيڪريٽري اسد اسحاق ٻڌايو ته جڏهن سنڌ سرڪار رليو ڪندي ته هو هليو ويندو، هن چيو ته کيس سنڌ سرڪار ئي ڊپٽي سيڪريٽري مقر ڪيو آهي،  هاڻي سندس نالو ٽريننگ لسٽ ۾نالو اچي ويو آهي، 24 سيپٽمبر کان هو ٽريننگ هليو ويندو. واضح رهي ته سروسز رولز مطابق وفاق جو ڪو به آفيسر هڪ صوبي ۾ 5 سالن کان وڌيڪ رهي نٿو سگهي، ڄاڻايل آفيسر مقرري وارو مدو پورو ٿيڻ  باوجود گذريل 10 مهين کان مقرر ٿيل آهي.