سکر(بيورو رپورٽ) سکر پوليس طرفان مبينا مقابلي بعد ٻن ڏوھارين کي مارڻ  جي دعوي، مارجي ويلن جي شناخت پھلوان خروس ۽ اللھ ڏنو خروس طور ٿي آھي، مارجي پھلوان خروس بدنام ڏوھاري ھو، جنھن مٿان 5 لک انعام جي سفارش ٿيل ھئي، ايس ايس پي سکر . تفصيل موجب باگڙجي ٿاڻي جي حد سعيدآباد جي ڪچي ۾ پوليس مبينا مقابلي بعد ٻن ڏوھارين پهلوان خروس ۽ الله ڏنو عرف لڏو خروس کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. سکر پوليس جي ترجمان بلال لغاريءَ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ايس ايس پي سکر  عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته  سکر جي علائقي باگڙجي ۾ هلندڙ آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ 5 لک انعام جي سفارش ٿيل بدنام ڌاڙيل پهلوان خروس ۽ الله ڏنو عرف لڏو خروس مارجي ويا آهن، جڏھن وٽان ھٿيار ۽ گوليون پڻ پوليس برآمد ڪري ورتيون آھن.  پڌرائي موجب ٻنهي جوابدارن مٿان سکر سميت مختلف علائقن ۾ قتل، ڦرن سميت ڪيترا ئي سنيگين ڪيس داخل هئا، جڏهن ته سندس فرار ٿي ويل ساٿين جي ڳولها لاءِ پوليس پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. پوليس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ بچل شاھ مياڻي جي رھواسي مارجي ويل ڏوھاري پھلوان خروس مٿان 13 سنگين نوعيت جا ڪيس ظاھر ڪيا ويا آھن. پوليس موجب وڌيڪ ڏوھارين جو ڪرمنل رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.