ڳڙهي حسن (ن پ ا) ڳڙهي حسن ۾ حاجي منظور سرڪي ٿاڻي تي پهچي ٽچ موبائل چوري ٿيڻ جي اين سي داخل ڪرائي،الزام هيٺ آيل بابن سرڪي ۽ منظور سرڪي جي پٽن جي حملي ۾ عباس سرڪي ۽ نثار سرڪي زخمي ٿي پيا. هوڏانهن منظور سرڪي ٻڌايو ته چوري جي اين سي ڪرائڻ تان الزام هيٺ آيل بابن سرڪي حملو ڪري منهنجي پٽن کي زخمي ڪيو آهي. ٻئي پاسي بابن سرڪي ٻڌايو ته مون مٿان ناجائز اين سي داخل ڪري پوليس کان تنگ ڪرايو ٿو وڃي شفاف جاچ ڪئي وڃي.