خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه شهرين جي مسلسل احتجاج بعد پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا پاران ايم اين وي ڊرين جي بند کي 7 ڪٽ هنيا ويا، پاڻي ايم اين وي ڊرين ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب پاڻي ۾ لاٿ ٿيڻ لڳي،  ان ڏس ۾ خيرپورناٿن شاهه شهرين جي مسلسل احتجاج بعد دادو ضلعي جي انتظاميا ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ايم اين وي ڊرين جي بند کي اوڀر طرف کان  هيوي مشينن ذريعي 7 ڪٽ هنيا ويا، ڪٽ لڳڻ بعد پاڻي ايم اين وي ڊرين ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب شهر توڙي ڳوٺن مان پاڻي ۾ لاٿ ٿيڻ لڳي، پاڻي ۾ لاٿ اچڻ کانپوءِ ڳوٺ يوسف نائچ سامهون جوهي بئراج کان خيرپورناٿن شاهه شهر تائين انڊس هاءِ وي تي 20 کان وڌيڪ ٽريڪٽر ٽاليون هلڻ شروع ٿي ويون، شهر توڙي ڳوٺن طرف واپس ايندڙ ماڻهو پنهنجن فيملن سميت ٽريڪٽر ٽالين تي سفر ڪرڻ لڳا ، ٽريڪٽر ٽالي مالڪن في ماڻهو کان هڪ سئو روپيا ڪرايو وٺي رهيا آهن جڏهن ته ڳوٺ فتح پور سامهون ٽريڪٽر ٽالي روڊ کان لهي ويو، ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو، ماڻهو ٽرالي تي محفوظ رهيا، حادثي کان بچي ويا، جڏهن ته انڊس هاءِ وي تي 2 کان 4 فوٽ پاڻي هن وقت به موجود آهي، جيڪو آهستا آهستا لهڻ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته بچاءُ  بند سپريو بند ۽ رائيس ڪئنال کي لڳل گهارا ايريگشن عملدارن ، واپڊا اسڪارپ توڙي ضلعي انتظاميا بند نه ڪرايا آهن جنهن جي ڪري سوين ڳوٺاڻن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٻي طرف  ٻوڏ جو پاڻي مسلسل 29 ڏينهن کان بيهڻ سبب رهواسي جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، هزارين متاثر دربدر ٿي بي يارو مددگار ويٺل آهن. ان حوالي سان  ضلعي انتظاميا خلاف شهرين ڳوٺاڻن شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي ، سماجي اڳواڻ حاجي اصغر شيخ ، تاج شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته  هٿ سان شهر کي ٻوڙايو ويو، هاڻ چونڊيل نمائندا واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، بيمارين ۾ وٺجي ويا آهيون، نوٽيس وٺي رليف فراهم ڪيو وڃي.